حيدر آباد

جلد اثاره قديمه کاتي طرفان ڪراچي ۾ ڊاڪٽر اين اي بلوچ ريفرنس ڪوٺايو ويندو: وزير مخدوم جميل زمان

Dr Balouchحيدرآباد : ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسيٽيٽوٽ آف هيري ٽيج اينڊ رسرچ جي ايڊوائيزري ڪميٽي انسٽيٽوٽ جو ڪاروهنواربهتر نموني سان هلائڻ لاءِ انتظامي سطح تي ٽي ڪميٽيون جوڙڻ جي منظوري ڏيندي تمام جلد ڪراچي ۾ ڊاڪٽر اين اي بلوچ ريفرنس ڪوٺائڻ ۽ ڊاڪٽر صاحب جي ڪتابن ۽ تصويرن جي نمائش لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي _ اهڙو اعلان گذريل رات دير سان بين الصوبائي رابطن واري صوبائي وزير مخدوم جميل زمان جي صدارت هيٺ ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽوٽ آف هيري ٽيڪ اينڊ رسرچ حيدرآباد لطيف آباد ۾ ايڊوائيزري ڪميٽي جي ڪوٺايل اعليٰ سطحي گڏجاڻي ۾ ڪيو ويو _ گڏجاڻي ۾ اينٽي ڪيوٽيز جي صوبائي سيڪريٽري مشتاق احمد شيخ ، ايڊوائيزري ڪميٽي جي پيٽرن ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ڪميٽي جي ميمبرن ڊاڪٽر نواز علي شوق، پروفيسر ممتاز علي ڀٽو، ڊاڪٽر يعقوب مغل، زيب سنڌي ، عميمه بلوچ ۽ انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر گل محمد عمراڻي شرڪت ڪئي . گڏجاڻي ۾ اداري جي ڪاروهنوار کي هلائڻ لاءِ انتظامي سطح تي ٽي ڪميٽيون ضابطه اخلاق، تحقيق ۽ اشاعت ۽ سيمينار ڪرائڻ واريون ڪميٽيون جوڙڻ جي منظور ڏني وئي جن تحت ضابطه اخلاق ڪميٽي ۾ ڊاڪٽر عبدالغفارسومرو، ڊاڪٽر سڪندرمينڌرو ۽ گل محمد عمراڻي شامل آهن جڏهن ته تحقيق ۽ اشاعت واري ڪميٽي ڊاڪٽر نواز علي شوق ، ڊاڪٽر يعقوب مغل، ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو ۽زيب سنڌي تي مشتمل آهي اهڙي ريت سيمينار ڪرائڻ واري ڪميٽي ۾ گل محمد عمراڻي ، زيب سنڌي ۽ ارشد بلوچ شامل آهن _ گڏجاڻي کي ٻڌايو ويو ته تحقيق ۽ اشاعت لاءِ انسٽيٽوٽ جي سالياني بجيٽ 30 لک رپيا مختص ڪئي وئي آهي جڏهن ته نئين جوڙيل ڪميٽي تحت ڊاڪٽر صاحب جي متعلق تحقيق لاءِ نامور محققن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ بعد چونڊ ڪئي ويندي ته جيئن تحقيق کي وڌيڪ اثرائتو ۽ ايندڙ نسل لاءِ ڪارائتو بڻائي سگهجي _گڏجاڻي ۾ صوبائي وزير ڳالهائيندي چيو ته تمام جلد اثاره قديمه کاتي طرفان ڪراچي ۾ ڊاڪٽر اين اي بلوچ ريفرنس ڪوٺايو ويندو جنهن ۾ ڏيهه ۽ پرڏيهه جا محقق ڊاڪٽر صاحب جي زندگي ۽ ڪم متعلق پنهنجا مقالا پيش ڪندا _ هن چيو ته هن ريفرنس ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه خاص مهمان طور شرڪت ڪندو جڏهن ته ڊاڪٽر صاحب جي تصويرن ۽ ڪتابن جي نمائش پڻ لڳائي ويندي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button