بدين ۾ رمضان شريف جي شروع ٿيڻ سان ئي واپارين اگھ چوٽ چاڙھي ڇڏيا، انتظاميـ خاموش
بدين: (سانوڻ خاصخيلي) : رمضان شريف جي شروع ٿيڻ سان ئي واپارين جون من مستيون وڌي ويون. عام واهپي جي شين جي اگھن ۾ ٻيڻ تي واڌ. ضلعي انتظاميـ خاموش تماشائي بڻيل! تفصيل مُطابق ڀلاري مهيني رمضان شريف جي ابتدا ۾ ئي بدين جي واپارين جا وارائي نيارا ٿي ويا. ڀلاري مهيني دوران روزمره جي ڪتب ايندڙ وارين شين جا اگھـ هٿرادو ٻيڻ تي وڌائي ڇڏيا. ان سلسلي ۾ خبر مُطابق شهر ۾ مرغي 220 روپيـ ڪلو مان وڌائي 260 روپيـ ڪلو؛ وڏو گوشت 200 مان وڌائي 230 روپيـ ڪلو۽ مڇي 200 مان وڌائي 300 روپيا ڪلو وڪامجڻ شروع. ساڳين طرح صوف 80 مان ڌائي 140 روپيـ ڪلو؛ توريون’ ڀينڊيون’ ميها’ گوار سميت ڀاڄين جي اگهن ۾ 15 کان 30 روپيا في ڪلو تي واڌ ڪئي ئي آهي. جنهن جي ڪري عام رزيدار ۽ غريب عوام سخت پريشاني جو شڪار آهن. اهو پڻ معلوم ٿيو آهي تـ سرڪار پاران جاري ٿيل لسٽ ۾ پڻ اڪثر شين جا اگھـ واپارين جي مرضي موجب شامل ڪيل آهن ۽ انهي سلسلي ۾ عوام کان ڪوبـ مشورو نٿو ورتو وڃي. هتان جي سُڄاڻ ڌرين پاران حڪومت سنڌ کان عام شين جي اگهن کي گھٽائڻ لاءِ ڪو تحرڪ وٺڻ جو مُطالبو ڪيو ويو آهي.