ٺري ميرواھ

ٺري ميرواھ ۾ مستحق ماڻھن ۾ عيد جو سامان وھايو ويو

ٺري ميرواھ (اقبال سومرو): پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي پ پ تعلقه ٺري ميرواھ جي صدر حاجي احمد بخش شر ۽ پ پ اڳواڻ نثار احمد شر پاران تعلقه ٺري ميرواھ جي ويھھ کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ عيد جا ڪپڙا، کائڻ جو سامان غريبن ۽ بيواھ عورتن ۾ تقسيم ڪيو. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ حاجي احمد بخش شر خطاب ڪندي چيوته پيپلز پارٽي ھيميشه غريب عوام جي حقن جي ڳالھھ ڪئي آھي ۽ موجوده سرڪار ملڪ ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو آھي ان موقعي تي انجنيئر احمد علي شر، ممتاز علي شر، قائم علي شر، محمد علي شر ۽ ٻيا موجود ھئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button