حيدر آباد

سنڌ خلاف هڪ ٻي سازش، حيدرآباد ۾ سنڌ جي ورهاست جا پوسٽر لڳي ويا، شهري صوبي جو مطالبو

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ سنڌ دشمن قوتن جي هڪ ٻئي سازش سامهون اچي وئي حيدرآباد ۾ ”مجهي مت مارو“ جي عنوان سان پوسٽر ڇپرائي سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شهر جي مختلف ڀتن تي ڳاڙهي اکرن ۾ شهري صوبا سنڌ جو مطالبو پڻ لکيو ويو آهي، ملڪ ۾ نون صوبن جي قيام جو بحث شروع ٿيڻ ۽ هڪ خانگي اردو چينل پاران انهي بحث جي آڙ وٺي سنڌ جي ٻن حصن ۾ ورهائڻ وارو بحث ڪرائڻ ۽ ان بعد سنڌ واسين طرفان سنڌ جي ورهاڱي واري سازشن بعد سامهون آيل رد عمل کان پوءِ حيدرآباد شهر جي اڪثر ڀتن تي سنڌ دشمن قوتن ”مجهي مت مارو، جي عنوان تحت پوسٽر ڇپرائي سنڌ کي انتظامي طور ٻن حصن ۾ ورهائڻ جو مطالبو لکرائي پوسٽر لڳارايا آهن جڏهن ته اسٽيشن روڊ، هل ٽاپ چاڙهي، لطيف آباد، صدر سميت مختلف علائقن ۾ ڳاڙهي اکرن سان چاڪنگ ڪري سنڌ کي انتظامي طور ٻن حصن ۾ ورهائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ۽ اهڙو مطالبو ڪندڙ ڌر پوسٽرن ۽ چاڪنگ ۾ پنهنجو نالو ڏيڻ بدران پاران عوام لکيو آهي، جڏهن ته پوسٽر اردو ٻولي ۾ لکيو ويو آهي جنهن ۾ هندستان کي ٽوڙي پاڪستان جي يقيني قيام جو تصور پيش ڪيو ويو آهي، پوسٽر ۾ پاڻ کي مظلوم ظاهر ڪري ان کي پنهنجي التجا لکيو ويو آهي، ۽ انهي کي انتباهه بنائڻ کان پڻ روڪيو ويو آهي، پوسٽر ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته اسان کي هن ڌرتي جو پٽ تسليم ڪيو وڃي، اشهتار ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اهو وقت اچي ويو آهي جڏهن ته اسان کي تسليم ڪيو وڃي ۽ هن ڌرتي تي اسان جو حق تسليم ڪندي اسان جو حق ڏنو وڃي. جڏهن ته حيدرآباد شهر جي مختلف جاين تي چاڪنگ ڪري شهري صوبا سنڌ جو پڻ مطالبو ڪيو ويو آهي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button