حيدر آباد

تازين برساتن سبب جانورن جي پالنا واري کاتي پاران ڇهن متاثر ٿيل ضلعن ۾ جانورن جي علاج ۽ وچڙندڙ بيمارين کان بچاءُ لاءِ حفاظتي مرڪز قائم

حيدرآباد: ڊائريڪٽر اينيمل هسبنڊري سنڌ حيدرآباد پڌرو ڪيو آهي ته تازين برساتن سبب جانورن جي پالنا واري کاتي پاران ڇهن متاثر ٿيل ضلعن جهڙوڪ بدين ، ٽنڊو محمد خان ، ميرپورخاص ، عمرڪوٽ ، ٿرپارڪر ۽ ٽنڊو الهيار ۾ جانورن جي علاج ۽ وچڙندڙ بيمارين کان بچاءُ جا ٽڪا لڳائڻ لاءِ 57 هنگامي مرڪز مختلف ضلعن ۾ قائم ڪياويا آهن . ان سلسلي ۾ مالوندن کي صلاح ڏني وئي آهي ته اهي قائم ڪيل مرڪزن تي مقرر عملي سان لهه وچڙ ۾ اچي پنهنجن جانورن کي مختلف وچڙندڙ بيمارين کان بچاءُ جا ٽڪا هڻائين جڏهن ته وڌيڪ معلومات لاءِ پنهنجي ضلعي آفيس سان لهه وچڙ ۾ اچن ._ان کان علاوه جانورن جي پالنا واري کاتي پاران ڊائريڪٽوريٽ آف اينيمل هسبنڊري سنڌ شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾ هڪ مرڪزي سيل قائم ڪيو ويو آهي جنهن جو فو ن نمبر 0229200990 آهي جتان مالوند ڀائر وڌيڪ رهنمائي حاصل ڪري سگهن ٿا

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button