بدين

برسات بدين ضلعي جي ننڍن توڙي وڏن شھرن ۽ ڳوٺن کي مڪمل تباھ ڪري ڇڏيو، سرڪار کان مدد جي گھر

Badin rain1بدين (سانوڻ خاصخيلي): تازو پوندڙ برساتن بدين ضلعي جي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۽ ڳوٺن کي مڪمل طرح تباهـ ڪري ڇڏيو. لکين ماڻهن تي مُشتمل آبادي عورتون’ ٻارڙن سميت لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور. ڦٽين’ سارين ۽ ڀاڄين سميت مڪمل فصل تباهـ. پالتو مال بـ بُک ويگهي مرڻ لڳو. سيراڻي’ ڪڊڻ’ نندو’ ترائي’ احمد راڄو’ لنواري شريف’ ٻهڊمي’ کوسڪي ۽ شادي لارج سميت لکين ماڻهن تي مُشتمل آبادي گورنمنٽ جي اسڪولن’ ڪاليجن ۽ اسپتالن ۾ پاڻمُرادو ڪيمپون قائم ڪري رهڻ لڳا. گورنمنٽ کان فوري سار سنڀال لهڻ جي گُهر. تفصيل مُطابق گُذريل ڪجهـ ڏينهن کان مُسلسل بارش پوڻ ڪري بدين ضلعي جا ننڍا توڙي وڏا شهر ۽ ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن جنهنجي ڪري لکين ماڻھون لڏپلاڻ ڪري سرڪاري عمارتن ۾ پاڻمُرادو ڪئمپون قائم ڪري رھڻ تي مجبور ٿي ويا آھن. انهي سلسلي ۾ سيراڻي’ ڪڍڻ’ نندو’ ترائي’ احمد راڄو’ لنواري شريف’ ٻهڊمي’ کوسڪي ۽ شادي لارج سميت لکين ماڻهن تي مُشتمل آبادي گورنمنٽ جي اسڪولن’ ڪاليجن ۽ اسپتالن ۾ رھڻ تي مجبور آھن.ٻي طرف واھن’ سمن ۽ ڪينالن کي پوندڙ گھارن ڪيترن ئي ڳوٺن کي پاڻي ۾ لوڙھي ڇڏيو آھي. ٻي طرف سارين’ ڦٽين سميت سارو فصل تازين برساتن سبب تباھ ٿي ويو آھي جڏھن تـ چوپايو مال بـ چارو نـ ھوئڻ ڪري مرڻ لڳو آھي. ضلعي جي مُتاثرين حڪمت سنڌ کان فوري تدارڪ جي گھر ڪئي آھي.
Badin rain2
Badin rain3
Badin rain4
Badin rain51
Badin rain6
Badin rain7
Badin rain8

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button