حيدر آباد

الطاف حسين جي بيان خلاف عوامي تحريڪ جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هڙتال،احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا، باهيون

Altaf Hussain and Zardariحيدرآباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) عوامي تحريڪ جي سڏ تي متحده جي قائد الطاف حسين ۽ وسيم اختر پاران سنڌين خلاف بيان ڏيڻ خلاف شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي. عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن جا احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا، ٽائرن کي باهيون، مليل رپورٽ موجب ملير ضلعي جي مختلف سنڌي وسندين ابراهيم حيدري، ريڙهي ڳوٺ، هنس ڪالوني، پپري، گلشن حديد، رزاق آباد، ميمڻ ڳوٺ، گڏاپ، ڌرساڻوڇنو سميت مختلف علائقن ۾ شٽربند هڙتال رهي، عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن پاران مظهر راهوجو ۽ منان شيخ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. قاسم آباد جي سمورين وسندين سميت شهر ۽ لطيف آباد جي سنڌي وسندين ۾ ڪاروبار بند هجڻ سبب مڪمل شٽر بند هڙتال هئي. شهر جي گل سينٽر، ڪينٽ شاپنگ سينٽر، صدر، گاڏي کاتو سميت ٻيا مختلف ڪاروباري مرڪزن بند رهيا. جڏهن ته ٽريفڪ معمول کان گهٽ رهي. حيدرآباد شهر کان قاسم آباد، لطيف آباد، ڄامشورو، ڪوٽڙي جي روٽن تي هلندڙ سوزوڪين ۽ لوڪل بسن سميت اندرئين سنڌ جي مختلف روٽن تي هلندڙ مسافر گاڏيون پڻ بند رهيون، جنهن ڪري مسافرن کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو. ڄامشورو جي ٽنهي يونيورسٽين کان ۽ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جون پوائنٽ بسون نه هليون. هڙتال سبب تعليمي ادارن ۾ شاگردن ۽ مختلف سرڪاري، خانگي ادارن ۾ ملازمن جي حاضري متاثر رهي. ٻئي پاسي اڄ صبح عوامي تحريڪ ۽ ان جي ذيلي تنظيمن سنڌياڻي تحريڪ ۽ ٻين جي ڪارڪنن پاران قاسم آباد ۾ نسيم نگر چوڪ، پونم پيٽرول پمپ، پڪوڙا چوڪ ۽ ٻين مختلف هنڌن تي ٽائر ساڙي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. احتجاجي مظاهرن جي اڳواڻي سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ زاهده شيخ، فاريه عالم شاهه، شاهين خاصخيلي، سرمد راڄپر، حئي بلوچ، مصطفى هنڱورجو، نويد جروار ۽ ٻين ڪئي. هواڏنهن رات دير سان نامعلوم ماڻهن نسيم نگر واري علائقي ۾ هڪ ورڪشاپ ۾ بيٺل هڪ پراڻي ڪار کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. جڏهن ته آٽو ڀان روڊ تي نامعلوم ماڻهن هڪ ٽرڪ تي ڪريڪرن سان حملو ڪري ان کي باهه ڏئي ڇڏي. حيدرآباد ۾ هڙتال سبب انتظاميا پاران حفاظتي انتظام سخت ڪري مختلف اهم هنڌن ۽ چوواٽن تي پوليس اهلڪار بيهاريا ويا. هٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ هٽڙي باءِ پاس ويجهو نامعلوم ماڻهن قومي شاهراهه تي ٽرالر کي ساڙڻ جي ڪوش ڪئي. ٽنڊو محمد خان شهر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال رهي. شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز شاهي بازار، واڻ بازار، اسٽيشن روڊ، هوشو چوڪ، سبزي منڊي، اناج منڊي، بٺورو روڊ، لاکاٽ ڦاٽڪ، مهراڻ چوڪ سميت سمورا علائقا مڪمل طور بند رهيا. جڏهن ته ٽريفڪ به معمول کان گهٽ هلي ۽ آفيسن ۾ اسڪولن ۾ حاضري به معمول کان تمام گهٽ رهي. جڏهن ته لاکاٽ چوڪ، سجاول چوڪ، پراڻو بس اسٽاپ، بدين روڊ، سجاول روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ تي رڪاوٽون قائم ڪيون. عوامي تحريڪ جي مرڪزي عهديدارن ذوالفقار علي ڦلپوٽو جي اڳواڻي ۾ لقمان ڦاٽڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو، ٻئي طرف خيرپور کان مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بند ٿي وئي، شاهپور چاڪر ۾ ڊاڪٽر راڻو ڪنڊاڻي، محمود رخشاڻي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن سانگهڙ، نوابشاهه روڊ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ڪارڪنن سانگهڙ، نوابشاهه روڊ تي ٽريفڪ بند ڪرائي ڇڏي. اڳواڻن چيو ته الطاف حسين گٿا لفظ ڳالهائي سنڌ ڌرتي جي وارثن جي توهين ڪئي آهي، جيڪا سنڌي قوم هرگز برداشت نه ڪندي. لاڙڪاڻي ۾ شٽر بند هڙتال رهي. هڙتال سبب شهر جا اهم ڪاروباري مرڪز ريشم گلي، شاهي بازار، بندر روڊ، رائل روڊ، اسٽيشن روڊ، پاڪستاني چوڪ وارو علائقو ۽ ٻيا هنڌ بند رهيا. جنهن ڪري شهر اندر ٽرانسپورٽ به نه هئڻ برابر هئي، جڏهن ته عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ ساجد مهيسر، ظفر لاڙ، عمراه سمون، صائمه مڱڻهار، راشده لاڙ، سجاد جوڻيجو، سارنگ سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. گولاڙچي شهر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال رهي، شاهي بازار، ڪلاٿ بازار، ريشم بازار، گوشت مارڪيٽ، مڇي مارڪيٽ، احمد راڄو روڊ بازار، ڪڙيو روڊ بازار، ڪراچي روڊ بازار سميت شهر جون سموريون بازارون ۽ ڪاروباري مرڪز بند رهيا. جڏهن ته عوامي تحريڪ جي اڳواڻن جاکرو نوحاڻي، محمد علي ٽالپر، ڌڻي بخش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ڪڙيو گهنور، کوراهه، ڌاٻيجي، گهارو، ميرپورساڪرو ۾ مڪمل طور شٽر بند هڙتال رهي. گهارو ۾ رياض عباسي ۽ جاويد عباسي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن قومي شاهراه تي ڌرڻو هڻي ٽائر ساڙيا، جنهن سبب ٽريفڪ مڪمل طور تي بند ٿي وئي. وارهه، گاجي کهاوڙ، وڳڻ ۾ عوامي تحريڪ جي سڏ تي مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي، روڊن تي ٽريفڪ به معمول کان گهٽ هئي. گاجي ۾ عامر چنو، عمران چنو، عرفان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ويو، جڏهن ته وڳڻ ۽ لالو ۾ نوريز چانڊيو، آزاد قاضي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، وارهه شهر ۾ سرتاج چانڊيو، عنايت لاشاري، عرفان چانڊيو، منان چانڊيو، مظفر قاضي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، سجاول ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي، شهر جا مک ڪاروباري مرڪز شاهي بازار، ريزڪي دڪان، ميڊيڪل اسٽور، پرائيويٽ اسپتالون، سي اين جي پمپ مڪمل طور بند رهيا. عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر گهنور زنئور ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ زينت ٻائيتال جي اڳواڻي ۾ ڪيترين ئي عورتن ۽ مردن احتجاجي مظاهري کانپوءِ پڻ ناڪي وٽ نيشنل هاءِ وي روڊ تي ڌرڻو هڻي سجاول، ڪراچي روڊ مڪمل طور بند ڪري ڇڏيو، روڊ بند هئڻ سبب ٺٽو ڪراچي، بدين بٺورو، چوهڙ جمالي، جاتي ڏانهن ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيهي ويون، ٽنڊوالهيار شهر ۾ اڻڄاتل ماڻهن هوائي فائرنگ ڪئي، جنهن بعد شهر جون مک ڪاروباري بازارون بند ٿي ويون، مڇي مارڪيٽ، چمبڙ روڊ، بڪيرا روڊ ۽ ٻيا علائقا مڪمل بند رهيا، شهر ۾ ٽريفڪ به معمول کان گهٽ رهي، شهر جي مختلف چوڪن تي ڪارڪنن ٽائر ساڙيا، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اڪبر مڱڻهار چيو ته پوليس ارجن ميگهواڙ، ارباب اوڏ، سارنگ ميگهواڙ سميت 8 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ٺٽو شهر سميت مختلف شهرن م مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، ۽ روڊن تان ٽريفڪ به معمول کان گهٽ رهي. ٺٽي جي شاهي بازار، ڦلن بازار، ڀاڄي مارڪيٽ، چاندني چوڪ، مڇي مارڪيٽ، کير بازار سميت شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا. جڏهن ته عوامي تحريڪ ٺٽي جي اڳواڻ مٺا خان لاشاري جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ٺٽو باءِ پاس، آمري اسٽاپ ۽ مڪلي تي ٽائرن کي باهيون ڏئي سخت احتجاج ڪيو ۽ نوجوانن شهر جو گشت ڪيو، هڙتال سبب پيٽرول پمپ به بند رهيا، جڏهن ته سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن عورتن شيخ فريد چوڪ کان مين اسٽاپ تائين شاهي بازار مان احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. شهدادپور شهر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال رهي، شهر جا مک سمورا ڪاروباري مرڪز شاهي بازار، ڪلاٿ مارڪيٽ، صرافه بازار ۽ ٻيا علائقا مڪمل طور بند رهيا. جڏهن ته ٽرانسپورٽ پڻ گهٽ رهي، هوڏانهن پوليس ۽ عوامي تحريڪ ڪارڪنن ۾ چڪريون پڻ ٿيون، جنهن ۾ پوليس صدام حسين ۽ حسين کوسو کي پڪڙڻ بعد عوامي تحريڪ ڪارڪنن جي احتجاج بعد آزاد ڪيو ويو، ٻئي طرف عوامي تحريڪ طرفان هالا چوڪ کان شهدادپور پريس ڪلب تائين رفيق جکرو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي مظاهرين ٽائرن کي باهيون ڏئي نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته الطاف حسين جي نازيبا لفظن سبب 5 ڪروڙ سنڌي ماڻهن جي دل آزاري ٿي آهي، کيس ملڪ واپس آڻي سندس خلاف ڪيس هلايا وڃن. قمبر ۽ نصيرآباد ۾ شٽربند هڙتال رهي. قمبر سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا. نصيرآباد ۾ به مڪمل شٽربند هڙتال رهي، سمورا ڪاروبار نه کلي سگهيو، ٽرانسپورٽ بند رهي ۽ رفيع لغاري ۽ محرم چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. نصرپور شهر ۾ عوامي تحريڪ جي سڏ تي شهر جا سمورا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند آهن. جڏهن ته مختلف روٽن تي هلندڙ ٽريفڪ بند رهي. نئون دمبالو ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي، هور سنگهه ڪولهي، بهادر احمداڻي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، ٽنڊو باگو ۾ مڪمل شٽربند هڙتال رهي، روڊ، رستا ويران رهيا، ٻئي پاسي عوامي تحريڪ پاران لطيف زنئور، صادق هاليپوٽو، عارف زنئور جي اڳواڻي ۾ سوين عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن الله والا چوڪ کان چينل موري تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. مهراڻ درس، لکا ڏنو خاصخيلي، مرتضيٰ شيدي ۽ هوت خان کوسو جي اڳواڻي ۾ پڻ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ميرپورساڪرو، دڙو، ٻنون ۾ شٽربند هڙتال رهي، جنهن سبب شهر جا مکيه ڪاروباري مرڪز صرافه بازار، ڪلاٿ مارڪيٽ ۽ ڪريانه مارڪيٽ ۾ ڪاروبار نه کلي سگهيو. جڏهن ته روڊن تي هر ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معمول کان گهٽ رهي، هوڏانهن عوامي تحريڪ رتوديرو پاران مظاهرو ڪيو ويو، ڪڙيو گهنور ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي، شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز مڪمل بند رهيا، مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بند رهي. هميرو مل، پچاڻ مل جي اڳواڻي ۾ فاضل راهو چوڪ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، سکر ۾ سچل ڀٽي، ڊاڪٽر سنڌو مڱڻهار جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سيتا روڊ ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي، شاهي بازار، نيو بازار، ڀٽائي بازار سميت سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا. اصغر رند، مشهور ميمڻ، راشد ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ريلوي ڦاٽڪ تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب دادو، ڪي اين شاهه، راڌڻ ۽ سيتا وليج ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بند رهي، ميهڙ ۾ شٽربند هڙتال رهي، شاهي بازار، مين روڊ، ريشم گلي، ٻيٽو روڊ سميت سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا. عوامي تحريڪ جي سرمد بروهي، اعظم خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ڪارڪنن شهر ۾ گشت ڪيو، مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ مڪمل بند رهي، ڪوٽڙي ۾ ڪاروبار بند رهيو، عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ چڪريون به ٿيون، غفار ملڪ جي اڳواڻي ۾ ٽيليگراف ڦاٽڪ تي ڌرڻو هڻي ٽائر ساڙيا ويا، ڪوٽڙي ۾ پوليس زاهد چنا، پرويز چانڊيو، مگهن ڏيپلائي، احمد علي چانڊيو ۽ فهيم کي گرفتار ڪري ورتو، ماتلي ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي، ٽريفڪ مڪمل بند رهي، پوليس تيرت داس، نانجي ڪولهي، ارشاد ۽ ذوالفقار ڪلوئي ۽ مائيڪل کي گرفتار ڪري ورتو، هنڊياري، ٺري ميرواهه ۾ مڪمل شٽربند هڙتال رهي، جڏهن ته ٽرانسپورٽ به مڪمل بند رهي، نجم سنڌي، امير بخش منگي، خليل احمد شر جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن متحده جي قائد الطاف حسين پاران سنڌي قوم لاءِ گٿا لفظ ڳالهائڻ جي مذمت ڪئي. جڏهن ته اڳواڻن ڪراچي ۾ قتل ٿيل فرحان شر جي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. تلهار شهر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال رهي، شهر جي غريب آباد، شاهي بازار، مڇي مارڪيٽ، بدين اسٽاپ، سينيما روڊ ۽ ٽنڊو باگو بس اسٽاپ ۽ ٻين علائقن جا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رهيا. ڪجهه واپارين پنهنجا ڪاروباري دڪان کوليا ته ڪارڪنن بند ڪرائي ڇڏيا.. جڏهن ته عوامي تحريڪ ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻن افضل هاليپوٽو، جاويد جت، اسلم سونارو، راجا ٿيٻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تلهار جي ٽنڊو باگو اسٽاپ کان هڪ وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، شهر جي مختلف جڳهن تي پوليس اهلڪار بيهاريا ويا ، جڏهن ته ڦيٿو به نه ڦريو. سانگهڙ ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي سيما ڏاهري ۽ دوست علي ڪٽوهر، علي نواز ڏاهري جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، تنگواڻي، ڪنڌڪوٽ، فريد آباد، نوشهروفيروز ۽ ٻين شهرن ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي. جهڏو شهر ۾ مڪمل شٽر ڊائون ۽ ڦيٽا روڪ هڙتال ڪئي وئي، جنهن سبب جهڏو شهر جا اهم ڪاروباري مرڪز شاهي بازار، انور عادل مارڪيٽ، اسٽيشن روڊ، محمدي مارڪيٽ، فتح مارڪيٽ، ريشم گلي سميت شهر جا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا، ٻئي پاسي عوامي تحريڪ جهڏو جي اڳواڻن اياز کوسو، ممتاز کوسو، لياقت ميمڻ، محب ڀيل، رميش ڪمار سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ويئي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي سنڌي عوام کي ڪامياب هڙتال ڪرڻ تي مبارڪبار ڏني آهي. سنڌي ميڊيا خصوصن ڪي ٽي اين، آواز ٽي وي، عوامي آواز، ڪاوش، عبرت، ڪوشش، سوڀ، مقدمو، شام، سڪار، سنڌو، برسات، سنڌ جا ٿورا مڃيا آهن، جن واهڻ واهڻ، وستي وستي عوامي تحريڪ جي هڙتال ۽ احتجاجن کي ڪوريج ڏني. اياز لطيف پليجي سرڪار جي مذمت ڪئي، جنهن جي ڪوٽڙي، ملڪاڻي شريف، ماتلي، ٽنڊوالهيار، بدين، کورواهه، فريد آباد، کپرو، نوابشاهه ۾ ڪارڪنن تي تشدد ڪري گرفتار ڪيو آهي. اياخ لطيف پليجي چيو آهي ته اڄ 6 ڪروڙ سنڌين دهشتگردن، سنڌ دشمن غدار وڏيرن ۽ ڀوتارن کي سياسي ۽ اخلاقي شڪست ڏيئي ثابت ڪيو آهي ته سنڌي خاموش نه آهن. سنڌي ميدان ۾ آهن، سنڌ خلاف ڪابه سازش ۽ تهذيب تي حملو ٿيو ته هڪ مهيني لاءِ سڄي سنڌ ۽ پاڪستان جا روڊ بند ڪري سگهجن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو ته معافيون مسئلن جو حل نه آهن. بدين، دادو ۽ ٺٽي جي ڪراچي ۾ قتل ڪيل نوجوانن جا قاتل الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم پوليس آڏو پيش ڪن. ڪراچي ۾ سنڌ جي ورهاڱي جي چاڪنگ ڊاهي، يونٽن ۽ زونل جي انچارجن کي لغام ڏنو وڃي. سنڌ سرڪار عشرت العباد کي فورن هٽائي ڪمشنري نظام ۾ دهشتگردن جي چوڻ تي ڪابه تبديلي نه ڪئي وڃي. اياز لطيف پليجي پنهنجي بيان ۾ هڙتال جي تائيد ڪندڙ سياسي تنظيمن، سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين سول سوسائٽي جا ٿورا مڃيندي عوامي تحريڪ جي صدر وڌيڪ چيو آهي ته عوامي تحريڪ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي قومي وقار خودداري خلاف ڪنهن به قسم جي بيهودي ۽ توهين آميز ٻولي برداشت نه ڪندي ۽ عوامي تحريڪ سنڌي عوام جي ساٿ ۽ تعاون سان سنڌ جي ڪرسي پرست وڏيرن ۽ جاگيردارن طرفان وڃايل قومي حق، وسيلا ۽ قومي وقار ۽ خودداري حاصل ڪرڻ تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button