ٺٽو

گهوڙاٻاري ۾ قائم ٿيل بوائز ڪاليج ۾ پهرين آگسٽ کان ڪلاسز هلائڻ جو فيصلو

Coastal areaٺٽو(سجاد علي ميمڻ)ٺٽي ضلعي جي ٽن ساحلي تعلقن جي شاگردن جي سهوليت خاطر گهوڙاٻاري ۾ قائم ٿيل بوائز ڪاليج ۾ پهرين آگسٽ کان ڪلاسز هلائڻ جو فيصلو ڪندي ڊائريڪٽر ڪاليجز غيرتدريسي عملي جي پوسٽن تي 12 ٻاهرين ضلعن جا ملازم مقرر ڪري ڇڏيا آهن جنهن خلاف ٺٽي ضلعي جي شاگردن ايڪشن ڪميٽي جوڙي مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪرڻ خلاف مرحليوار احتجاجي تحريڪ جو آغاز ڪندي احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ۽ ٻاهرين ضلعن جي ماڻهن جي مقرري جا آرڊر رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر ڪاليجز حيدرآباد پاران بوائز ڊگري ڪاليج ٺٽو جي ليڪچرار غلام مصطفيٰ چارڻ کي بوائز ڪاليج گهوڙاٻاري جو انچارج پرنسپل مقرر ڪندي کيس پهرين آگسٽ کان ڪاليج ۾ شاگردن جون داخلائون شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته ڊائريڪٽر ڪاليجز ٺٽي ضلعي ۽ ساحلي تعلقن جي بيروزگار نوجوانن کي نظرانداز ڪندي ٻاهرين ضلعن حيدرآباد ،دادو، جام شورو ۽ ٻين ضلعن سان تعلق رکندڙ 12 جڻن کي غير تدريسي عملي جي پوسٽن تي مقرر ڪري کين جوائننگ ڪرائي ڇڏي آهي. گهوڙاٻاري ڪاليج ۾ نون ڀرتي ڪيل ۾ الله رکيو ناريجو اسسٽنٽ، مقصود علي چانڊيو جونيئر ڪلرڪ، زاهد حسين برهماڻي نائب قاصد، تحسين ميمڻ اسسٽنٽ ، ڪاشف قريشي ليبارٽري اسسٽنٽ ، جمال الدين قريشي ليب اسسٽنٽ، اياز احمد ڏيٿو ليب اسسٽنٽ ۽ ٻيا شامل آهن ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي گهوڙاٻاري ڪاليج جي انچارج پرنسپل پروفيسر غلام مصطفيٰ چارڻ تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڪاليج کي پهرين آگسٽ کان چالو ڪرڻ لاءِ غير تدريسي عملي جا 12 ملازم ڀرتي ٿيا آهن جيڪي ٻاهرين ضلعن جا آهن هن چيوته تدريسي عملي جي 39 پوسٽن تي صرف 5 ليڪچررن جي مقررين جا آرڊر جاري ٿيا آهن جن مان صرف هڪ ليڪچرر جوائننگ ڏني آهي هوڏانهن شاگرد ايڪشن ڪميٽي پاران مڪلي بوائز ڪاليج کان ڊي سي آفيس تائين ٻاهرين ضلعن جي ماڻهن جي ڀرتين خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو جنهن کي خطاب ڪندي شاگرد اڳواڻ اصغر خشڪ، عنايت الله کهوڙو، رحيم بروهي ۽ ٻين آرڊر رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button