خيرپورراڻي پور

ڊپٽي ڪمشنر خيرپور مختلف شڪايتن جو نوٽيس وٺندي راڻيپور پهچي ويو

Ranipur.خيرپور: ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ ميڊيا تي راڻيپور شهر اندر ڊرينيج، صفائي ۽ سُٿرائي جي حوالي سان مختلف شڪايتن جو نوٽيس وٺندي راڻيپور پهچي ويو. جتي ڊي سي خيرپور شهرين، لاڳاپيل عملدارن ۽ صحافين سان راڻيپور شهر جي مختلف مسئلن جي حل جي حوالي سان ٽائون ڪاميٽي راڻيپور ۾ هڪ گڏجاڻي ڪئي. ان موقعي تي پگهار نه ملڻ تي ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن احتجاج ختم ڪرائي کين شهر اندر صفائي ۽ سُٿرائي لا۽ ڪم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. جڏهن ته ملازمن پاران اڳوڻن تعلقه ايڊمنسٽريٽرس جي خلاف مختلف شڪايتن جو نوٽيس وٺندي ڊي سي خيرپور سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ علي احمد لُنڊ سان فون ملازمن جي مسئلن جي باري ۾ آگاهي ڏني جڏهن ڊي سي خيرپور اڳوڻن ٽي ايم ايز خلاف انڪوائري ڪرڻ لاءِ سيڪريٽري کي گُذارش ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button