رپورٽ

لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ پئڪيج مان عوام کي ڪھڙو فائدو ۽ پيٽ ڀريندڙ ھتان جا ڪامورا…؟

بختيار بگٽي
Baktiar Bugtiموجودھ حڪومت عوام کي بنيادي سھولتون فراھم ڪرڻ جو عزم ڪيو آھي جنھن ۾ موجودھ روڊن کي ويڪرو ڪري مضبوط ڪرڻ، تعليم، صحت، واٽرسپلاءِ، ڊرينيج، ڳوٺن کي بجلي ۽ گئيس جي فراھمي کي يقيني بڻائڻ آھي، پر ھن وقت تائين ٽي سال گذري چڪا آھن پر افسوس جو ھن مھل تائين ھڪ ڪم بھ مڪمل نھ ٿي سگھيا آھن، لاڙڪاڻو ضلعو جيڪو سياسي، سماجي، ادبي، صحافتي ۽ تاريخي لحاظ کان وڏي اھميت رکي ٿو. انھيءَ سان گڏوگڏ ھي ضلعو شھيد راڻي محترمھ بينظير ڀٽو جو آبائي ضلعو پڻ آھي، ماضيءَ ۾ ھن شھر کي نظر انداز ڪيو ويوھو، جڏھن تھ موجودھ پيپلز پارٽي حڪومت جي صدر پاڪستان آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي ڪوششن سان لاڙڪاڻي ضلعي کي ان ڪري اھي پيڪيج فراھم ڪيا ويا تھ ھي شھر شھيد محترمھ بينظير ڀٽو جو آبائي شھر آھي، پوءِ بھ ھتان جا ڪامورا لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ پئيڪيج کي خرد برد ڪري پنھنجا پيٽ ڀرڻ ۾ ڏينھن رات مصروف لڳا پيا آھن ۽ ھن وقت تائين ھڪ بھ ڪم مڪمل نھ ڪرايو ويو آھي، سنڌ گورنمينٽ ھن سلسلي ۾ لاڙڪاڻھ ڊولپمينٽ پيڪيج تحت روڊن جون اسڪيمون منظور ڪيون آھن جنھن ۾ بنگل ديرو کان ڳڙھي خدا بخش ڀٽو .4..1 ڪلو ميٽرس روڊ جي بحالي ۽ مضبوطي جو ڪم جيڪو ..3.632 ملين روپين جي لاڳت سان شروع ڪيو ويو آھي، ٻڌايو وڃي ٿو تھ 487.261 ملين روپيھ خرچ ٿي چڪا آھن، نيو بس ٽرمينل کان چانڊڪاميڊيڪل ڪاليج جي پل تائين رائيس ڪئنال جي ڪپر سان روڊ کي ويڪرو ڪرڻ ۽ مضبوط بنائڻ جو ڪم 313..4 ملين روپين جي لاڳت سان شروع ڪيو ويو، ٻڌايو وڃي ٿو تھ جنھن تي 336.52 ملين روپيا خرچ ٿي چڪا آھن، پر ان روڊ کي ويڪرو نھ ڪيو ويو آھي، رائيس ڪئنال مٿان فٽ برج جو ڪم .87.66 ملين روپين جي لاڳت سان شروع ڪيو ويو آھي، جنھن تي 826.45 ملين روپيھ خرچ ٿي ڌڪاآھن، ڪيھر ۽ گڏاڻي ڳوٺ ڀرسان رائيس ڪئنال مٿان پري اسٽريسڊ برج جي تعمير جو ڪم 85..55 ملين روپين جي لاڳت سان شروع ڪيو ويو آھي جنھن تي 82…4 ملين روپيھ خرچ ٿي چڪاآھن، رائيس ڪئنال مٿان ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ڀرسان رتوديرو، نئون ديرو روڊ تي پل جي اڏاوت جو ڪم 871.75ملين روپين جي لاڳت سان شروع ڪيو ويو آھي، جنھن تي 569.14 ملين روپيھ خرچ ٿي چڪا آھن، چانڊڪاميڊيڪل ڪاليج ڀرسان رائيس ڪئنال مٿان پل جي تعمير جو ڪم 344.35 ملين روپين جي لاڳت سان شروع ڪيو ويو جنھن تي .27.62 ملين روپيھ خرچ ڪيا ويا، راڌڻ موئن جو دڙو …12 ڪلو ميٽرس روڊ جي بحالي ۽ مضبوطي جو ڪم 845.512 ملين روپين جي لاڳت سان شروع ڪيو ويو، جنھن تي 74.87 ملين روپيھ خرچ ٿيڻ جو ڏيکاريو ويو آھي، ڏوڪري، باڊھھ، نصيرآباد ۽ وارھھ روڊ جي بحالي ۽ ويڪري ڪرڻ جو ڪم .4.73 ڪلو ميٽر752.863 ملين روپين جي لاڳت سان شروع ڪيو ويو آھي، جنھن تي 311..31 ملين روپيھ خرچ ٿيڻ جو ٻڌايو ويو آھي، قمبر، رتوديرو وايا ٺوڦ چوسول روڊ جي مضبوطي جو ڪم .8.53 ڪلو ميٽر 746.963 ملين روپين جي لاڳت سان شروع ڪيو ويو آھي، جنھن تي 861.551 ملين روپيھ خرچ ٿيڻ جو ٻڌايو ويو آھي، شھدادڪوٽ شھر جياندروني روڊن کي ويڪرو ڪرڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جو ڪم 281.463 ملين روپين جي لاڳت سان شيروع ڪيو ويو، جنھن تي 99.391 ملين روپيھ خرچ ڪيا ويا آھن، لاڙڪاڻي شھر ۾ روڊن واٽر ڊرينس ۽ فوٽ پاٿن جو ڪم 565.992 ملين روپين جي لاڳت سان شروع ڪيو ويو آھي جنھن تي 36.511 ملين روپيھ خرچ ٿيڻ جو ٻڌايو ويو وڃي ٿو، لاڙڪاڻي شھر ۾ روڊن کي ويڪرو ڪرڻ واٽر ڊرينس تي 55.46 ملين روپيھ خرچ ٿيڻ جو ٻڌايو وڃي ٿو، ٻيھر لاڙڪاڻي شھر ۾ روڊن کي ويڪرو ڪرڻ ، واٽر ڊرينس ۽ فوٽ پاٿن جو ڪم 338.7.3 ملين روپين جي لاڳت سان شروع ڪيو ويو آھي ٻڌايو وڃي ٿو تھ جنھن تي 71.84 ملين روپيھ خرچ ڪيا ويا آھن، لاڙڪاڻو شھر جي (مرڪزي۽ اوڀر پاسي) روڊن کي ويڪرو ڪرڻ، واٽر ڊرينس ۽ فوٽ پاٿن جو ڪم 126.262 ملين روپين جي لاڳت سان شروع ڪيو ويو آھي، جنھن تي 68.58 ملين روپيھ خرچ ٿيڻ جو ٻڌايو وڃي ٿو، جڏھن تھ رتو ديرو شھر ۾ روڊن کي ويڪرو ڪرڻ،واٽر ڊرينس ۽ فٽ پاٿن جو ڪم 136.922 ملين روپين جي لاڳت سان شروع ڪيو ويو آھي، جنھن تي .6.88 ملين روپيھ خرچ ٿي چڪا آھن،اھڙي طرح روڊن کي ويڪرو ڪرڻ ۽ اھن کي سڌارڻ لاءِ رتوديرو وڌيڪ 732.322ملين روپيھ ڏناويا جنھن مان .8.221 خرچ ٿيڻ جو ٻڌايو ويو آھي، نئون ديرو شھر جي روڊن کي مضبوط بڻائڻ، واٽر ڊرينس ۽ فوٽ پاٿن جي ڪمن لاءِ 65..542 ملين روپيھ ڌنا ويا جنھن مان .8.65 ملين روپيھ خرچ ٿيڻ جو ٻڌايو ويو آھي، ڏوڪري شھر جي روڊن کي مضبوط ڪرڻ، واٽر ڊرينس ۽ فٽ پاٿن جي ڪمن لاءِ 1.5.662 ملين روپيھ ڏنا ويا جنھن مان .5.9.1 ملين روپيھ خرچ ٿيڻ جو ٻڌايو وڃي ٿو، مٿين مختلف شھرن لاءِ جيترا ڪم ڏنا ويا آھن، پر انھن ۾ ڪيترا خرچ ٿي چڪا آھن، اھو اتان جي عوام کي بھ خبر آھي، پر اھي اسڪيمون وقت سر اندر مڪمل بھ نھ ڪيون ويون آھن، موجودھ جمھوري حڪومت شھيد راڻي محترمھ بينظير ڀٽو جي مشن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڀرپور جدوجھد ڪري رھي آھي، پر ھتا جا ڪامورا ان کي نامڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن، ۽ ان اسڪيمن مان خرد برد ڪري پنھنجا پيٽ ڀرڻ ۾بھ ڪمي نھ ٿا ڪن، ھي پئسو ڪنھن جي جاگير نھ بلڪھ عوام جي خون پسيني مان ھي پئسو ٺاھيو ويو آھي جيڪو پڻ عوام جي ڀلائي عوام جي ئي حقن خاطر ايمانداري سان خرچ ڪري عوام سان سچائيءَ جو ثبوت پيش ڪيو وڃي تھ جئين عوام ھن جمھوري حڪومت مان فائدو حاصل ڪري سک جو ساھھ کڻي سگھي. صدر آصف علي زرداري ۽ وزير اعليٰ سنڌ انھن ٿيندڙ ڪمن جو سخت نوٽيس وٺن تھ ڪيترو انھن اسڪيمن تي خرچ آيو ۽ ڪيترو ڪامورن جي پيٽن ۾ ھليا ويا ۽ انھن کان پڇاڻو ڪن تھ ٽن سالن جي گذرڻ باوجود ھن مھل تائين اھي ڪم ڇو مڪمل نھ ڪيا ويا آھن ۽ ھلندڙ اسڪيمن کي مڪمل ٿيڻ ۾ ايترو وقت ڇو لڳو آھي.ٽي سال مڪمل ٿيڻ جي باوجود بھ خاص طور تي لاڙڪاڻ جا روڊ، رستا رولھڙي جو شڪار آھن ايتري قدر جو تقريبن لاڙڪاڻي جي ھر گھٽي گندگي ۽ گندي نالين جي پاڻيءَ سان ڀريل نظر اينديون آھن ۽ لاڙڪاڻي جا ڪيترائي روڊ رستا رولھڙي جو شڪار آھن. جن جو ڪم اڃان تائين مڪمل ناھن ٿيا جنھن ڪري ايڪسيڊنٽ روز جو معمول بڻجي ويا آھن.جنھن ڪري روز ڪيتريون ئي بيگناھھ جانيون زيان ٿين ٿيون. جن جو تدارڪ ڪرڻ وارو ڪوبھ نھ آھي ۽ اگر روڊن جا ترقياتي ڪم مڪمل ٿين ھا تھ ڪيتريون ئي زندگيون ائين ظايع ٿيڻ کان بچي وڃن ھا. پر اسان جي ڪامورن کي اھا ڳالھھ سوچ ۾ ئي ڪونھ ٿي اچي تھ ھڪ انسان جي زندگي ڪيتري اھميت رکي ٿي جنھن جو درس اسان کي قرآن مجيد مان واظع ملي ٿو ۽ اسان جا ڪامورا ايتري قدر جو قرآن مجيد جي درس کي بھ وساري ويٺاآھن ۽ پنھنجا پيٽ پالڻ ۾ لڳي ويا آھن. اسان وٽ پھريان ئي تعليم جو ميار گھٽ آھي وري ھتان جا ڪامورا شاھي غريب عوام کي بيوقوف بڻائي اسڪولن جا ترقياتي ڪم بھ مڪمل ناھن ڪرائي سگھيا ۽ ھتان جا اھي معصوم گلن جھڙا ٻارڙا ڇت کان بغير نٽھڻ اس ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور ٿي ويا آھن ڇا ھن وقت تائين اسان جي چونڊيل نمائيندن جون اکيون ناھن کلي سگھيون ؟… تعليم جي لاءِ ھامون ھڻندڙ اسان جي ھن حڪومت کي اھي معصوم گلڙن جھڙا ٻار پڙھندي نٽھڻ اس ۾ نظر ڪونھ ٿااچن ؟… ۽ نھ ئي اھي اسڪول جن جا ترقياتي ڪم اڄ تائين مڪمل نھ ٿي سگھيا آھن ۽ اڄ بھ ڪيترائي اسڪول ڪامورن جون اوطاقون بڻيل آھن. آخر اسان جي نمائيندن جي اکين چڙھيل پٽيون ڪڏھن لھنديون ۽ اسان جي تعليم جي ميدان ۾ انقلابي تبديليون ڪڏنھن نظر اچڻ شروع ٿينديون جو اسان جي ايندڙ نسل دنيا سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي ھلي سگھندي؟؟؟….( bakhtiarbugti@gmail.com )

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button