گرھڙي شاخ سميت ساحلي پٽي جي پوڇڙ تي ڪيترن ئي مھينن کان پاڻي جي کوٽ برقرار
بدين (سانوڻ خاصخيلي): گرھڙي شاخ سميت ساحلي پٽي جي پوڇڙ تي ڪيترن ئي مھينن کان پاڻي جي کوٽ برقرار. سوين ايڪڙن تي پوکيل سارين جي آبادي سُڪڻ لڳي. ايس ڊي او ايريگيشن ۽ سندس عملو رشوت عيوض پاڻي ويڪرو ڪرڻ لڳا. عوامي حڪومت ان سلسلي ۾ لا علم بڻيل. تفصيل موجب اڄ صبح وڇڙ جي سوين زميندارن پريس ڪلب بدين جي اڳيان احتجاج ڪندي مين روڊ ڪلاڪ لاءِ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنھن جي ڪري ڪلاڪ لاءِ سوين گاڏيون بيھجي ويون. مُظاھرين کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تـ ايس ڊي او ايريگيشن گولاڙچي ۽ سندس عملو رشوت عيوض پاڻي ويڪرو ڪري رھيو آھي. ھنن مُطالبو ڪندي چيو تـ پُڇڙ جي زميندارن سان ظلم ڪندڙ ايس ڊي او ايريگيشن گولاڙچي ۽ سندس عملي کي فورن مُعطل ڪندي ساحلي پٽي جي پوڇڙ تائين پاڻي پُھچايو وڃي. ھنن صدرِ پاڪستان، قومي اسيمبلي جي اسپيڪرپاڪستان، وزيرِ اعلي سنڌ ۽ سنيئر وزير سنڌ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي اپيل ڪندي چيو تـ ساحلي پٽي جي پوڇڙ وارن علائيقن تائين فوري پاڻي پُھچائي پاڻي جي چوري ۾ ملوث عملدارن خلاف قدم کنيو وڃي.