حيدر آباد

گذريل سال واري ٻوڏ تاريخ جي وڏي ۾ وڏي ٻوڏ هئي: ڄام سيف الله ڌاريجو

Jam Saifullah Dharejo
آبپاشي وارو وزير پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي
حيدرآباد : سنڌ حڪومت طرفان ٻوڏ کي اثرائتي نموني منهن ڏيڻ لاءِ آبپاشي عملي کي فلڊ فائيٽنگ جي حوالي سان سکيا ڏيڻ واري هدايتن تي عمل ڪندي سنڌ اريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي طرفان سنڌو دريا جي ڄامشورو فرنٽ بند ڏيٿا لانڍي وٽ تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي آبپاشي جي صوبائي وزير ڄام سيف الله ڌاريجو چيو ته گذريل سال جي ٻوڏ کان اڳ ماڻهو وساري ويٺا هئا ته دريا ۾ ڪا ٻوڏ به ايندي آهي ڇو ته ڪيترن ئي سالن کان ٻوڏ نه آئي هئي، هن چيو ته گذريل سال واري ٻوڏ تاريخ جي وڏي ۾ وڏي ٻوڏ هئي. ڄام سيف الله ڌاريجو وڌيڪ چيو ته آبپاشي کاتي جي عملي گذريل سال جي ٻوڏ دوران ڏينهن رات محنت ڪري بندن جي نگراني ڪئي، جنهن جي ڪري گهٽ نقصان ٿيو، جيڪڏهن آبپاشي عملو اهڙا قدم نه کڻي ها ته ٻوڏ ۾ وڌيڪ نقصان ٿئي ها .هن آبپاشي جي عملي کي ” آبڪلياڻي ۾ بند تي مقرر عملي لاءِ هدايتون“ جو ڪتاب ياد ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته آئون ڪنهن به وقت ڪنهن به عملدار کان ان ڪتاب مان سوال پڇي سگهان ٿو، جيڪڏهن ڪنهن آفيسر کي ان سوال جو جواب نه آيو ته آئون سمجهندس ته هو پنهنجي نوڪري سان سچو ناهي ، آبپاشي جي وزير سموري عملي کي هدايت ڪئي ته سڀ پنهنجون ڊيوٽيون ايمانداري سان ادا ڪن ڇاڪاڻ ته هي صرف آبپاشي کاتي جو نه پر قومي سلامتي جو معاملو آهي. آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري خالد حيدر ميمڻ چيو ته هن سکيا جو مقصد ايندڙ امڪاني ٻوڏ کي اثرائتي نموني منهن ڏيڻ آهي، هن وڌيڪ چيو ته آبپاشي کاتي جي اسٽاف جو ڪردار به هڪ فوجي وانگر آهي جنهن کي بندن جي محاذ تي چوڪس رهي ان جي حفاظت ڪرڻي آهي. سيڪريٽري آبپاشي چيو ته بندن جي نگراني ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. سنڌو دريا جي بندن جي ڪم بابت سنڌ سرڪار جي صلاحڪار ادريس راجپوت صوبائي وزير ڄام سيف الله ڌاريجو کي درخواست ڪئي ته بند تي ڪم ڪندڙ عملي کي سيڪيورٽي ڏئي امن امان جو مسئلو حل ڪيو وڃي ڇو ته جيستائين سيڪيورٽي نه ملندي آبپاشي جو عملو آزادي سان پنهنجا فرض سرانجام ڏئي نه سگهندو ۽ ٻيو اهو ته گذريل سال دوران بندن تي ڪم ڪندڙ ٺيڪيدارن جون رهيل ڏيڍ ارب رپين جون رهتون ادا ڪيون وڃن ڇو ته اڳوڻيون رهتون نه مليون ته اسان امڪاني ٻوڏ ۾ انهن کان ٻئي ڪم جي اميد ڪيئن ٿا رکي سگهون. ان موقعي تي ڄام سيف الله ڌاريجو، ادريس راجپوت کي مخاطب ٿيندي چيو ته گذريل سال فلڊ فائٽنگ دوران ڪم ڪندڙ ٺيڪيدارن جون 90 سيڪڙو رهتون ادا ڪيون ويون آهن، جڏهن ته باقي 10 سيڪڙو رهتون پڻ جلد ادا ڪيون وينديون. ڄام سيف الله ڌاريجو چيو ته امن مان جي مسئلي جي حل لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهايو آهي ۽ عملي کي مڪمل سيڪيورٽي مهِيا ڪئي ويندي. . واٽر سيڪٽر امپروومينٽ پراجيڪٽ جي ڊائريڪٽر زاهد جوڻيجو چيو ته امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ دوران سيڪريٽري آبپاشي جي تجويز تي آبپاشي کاتي جي اسٽاف جي تربيت جو پروگرام جوڙيو ويو ته جيئن بند تي مقرر آفيسر ۽ ٻيو عملو اثرائتي نموني ٻوڏ کي منهن ڏئي سگهي، زاهد جوڻيجو چيو ته عملي جي سکيا واري پروگرام جي شروعات ڪوٽڙي بيراج جي ريجن کان ڪئي وئي آهي ۽ گڊو ۽ سکر بيراج جي ريجن ۾ پڻ اهڙا تربيتي پروگرام منعقد ڪيا ويندا. ٽريننگ ورڪشاپ ۾ ادريس راجپوت، زاهد جوڻيجو، خادم حسين ميمڻ، ظريف کهڙو ، عاشق لکڻ، سيد گلزار شاهه ۽ الهواريو چنا، آبپاشي واري عملي کي ٻوڏ دوران بندن جي کاڌ، روڻين، ڇولين جي بند کي نقصان پهچائڻ کان روڪڻ، سيمي ۽ ٻين مسئلن کي منهن ڏيڻ بابت سکيا ڏني ۽ آخر ۾ سواليه پيپر ڏئي کانئن جواب پڻ ورتا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button