ڪنهن کي ڪو مسئلو آهي ته عدالت ۾ وڃي:وزيراعظم
لنڊن : وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته حيرت آهي ته جن جي حڪومت ٻه ڀيرا ڪرپشن جي الزام ۾ وئي اهي به اسان تي ڪرپشن جا الزام هڻي رهيا آهن، جنرل ضياءَ، جنرل مشرف ۽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪندڙ به ڪالاباغ ڊيم ٺاهي نه سگهيا، عوام کي سبز باغ ڏيکاريا ويا، ملڪ تي گهڻو وقت حڪمراني آمرن ڪئي آهي پر پوءِ به انهن تي ڪرپشن جا الزام ناهن لڳا، جيڪڏهن ڪنهن کي ڪي خدشا آهن ته اهي عدالتن ۾ وڃن، عدالتون آزاد آهن، حڪمراني جو حق عوام ڏي ٿي، جيڪي حڪمراني جا خواهشمند آهن اهي عوام جي فيصلي جو انتظار ڪن، سياست ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، متحده کي واپسي تي ڀليڪار چئون ٿا، ڪراچي صنعتي مرڪز آهي ۽ رهندو، معاشي استحڪام جي لاءِ سياسي استحڪام تمام ضروري آهي. ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان جي بهتر پاليسين سان ملڪ ۾ فصل بهتر ٿيو آهي ۽ پهرين جڏهن اسان آياسين ته ان وقت ملڪ ۾ اٽي جي کوٽ هئي پر ڪڻڪ جو بهتر اگهه ڏيڻ کانپوءِ هاڻي ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ اٽو موجود آهي. وزيراعظم چيو ته 1994ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو آءِ پي پيز هنيا ته ان وقت سيف الرحمان سيڙپڪارن کي داٻا ڏئي ڀڄائي ڇڏيو ۽ ڪيترن ئي صنعتڪارن کي جيل ۾ وڌو. هن چيو ته گذريل حڪومتن بجلي جي شعبي ۾ ڪا به سيڙپڪاري نه ڪئي، مشرف 9 سال حڪومت ڪئي پر هڪ ميگاواٽ بجلي به نيشنل گرڊ ۾ نه وڌي. هن چيو ته جيڪڏهن 9 سالن ۾ ڊگهي مدي وارا منصوبا به شروع ڪيا وڃن ها ته اهي به پورا ٿي وڃن ها پر ٺلهين ڳالهين کانسواءِ ڪو به عملي ڪم نه ڪيو ويو. هن چيو ته اسان جي حڪومت هيستائين 3 هزار ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪئي آهي ۽ هڪ کان 2 هزار ميگاواٽ اڃا تائين پائيپ لائين ۾ آهي. وزيراعظم چيو ته آئون ننڍپڻ کان ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ جو قصو ٻڌندو پيو اچان پر عوام کي صرف سبز باغ ڏيکاريا ويا پر ڪالاباغ ڊيم نه ٺهيو. هن چيو ته جنرل ضياءَ، جنرل مشرف ۽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت وارا به ڪالاباغ ڊيم ٺاهي نه سگهيا، ايستائين جو پي ايس ڊي پي ۾ به فنڊ نه رکيا ويندا هئا صرف عوام کي سکڻا خواب ڏيکاريا ويندا هئا. هن چيو ته مون گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن کان ڀاشا ڊيم ٺاهڻ جي لاءِ متفقه فيصلو ورتو ڇو ته ڪنهن به ڪم جي لاءِ چئني صوبن جو متفق ٿيڻ ضروري آهي. هن چيو ته جلد ڀاشا ڊيم جو بنياد رکيو ويندو. هن چيو ته 63 سالن ۾ ٿر جي ڪوئلي جو مسئلو به حل نه ٿيو پر مون اهو مسئلو حل ڪرايو ۽ چيو ته ٿر جي ڪوئلي تي ڪم صوبائي حڪومت شروع ڪرائيندي ۽ هاڻي ان تي ڪم شروع آهي. هن چيو ته ايران سان بجلي جو معاهدو ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ان منصوبي سان گڏ مختلف منصوبن تي ڪم جاري آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ گهڻو وقت حڪمراني آمرن ڪئي آهي پر آمرن تي ڪڏهن به ڪرپشن جو الزام نه لڳو. ڇو ته سياستدان آسان هدف آهن، ان لاءِ انهن کي ئي نشانو بڻايو وڃي ٿو. هن وقت عدليه، ميڊيا ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي موجود آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي مسئلو آهي ته عدالت ۾ وڃي. هن چيو ته خدمت جو موقعو صرف عوام ڏيندو آهي، ان لاءِ عوام جي فيصلي جو انتظار ڪيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته سياست ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن. وزيراعظم چيو ته ڪراچي صنعتي مرڪز آهي ۽ رهندو ڇو ته معاشي استحڪام جي لاءِ سياسي استحڪام تمام ضروري آهي. وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني کان پهريون سوال ئي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي حوالي سان ڪيو ويو. پريس ڪانفرنس دوران صحافين ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي بيان ۽ متحده جي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جي حوالي سان سوال ڪيو، جنهن تي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته متحده سان اسان جو ساڍن ٽن سالن جو ساٿ آهي ۽ اسان جو هڪ ٻئي تي اعتماد آهي. سڀني فيصلن ۾ انهن کي گڏ کڻي هلون ٿا. سياست ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن. متحده جي حڪومت کان ڌار ٿيڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪندي سنڌ جي گورنر کي واپس عهدو سنڀالڻ تي ڀليڪار چئون ٿا. هن چيو ته ڪراچي صنعتي مرڪز آهي ۽ اهو رهندو. ملڪ ۾ معاشي استحڪام جي لاءِ سياسي استحڪام تمام ضروري آهي. وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا عسڪريت پسندي خلاف گڏجي وڙهي رهيا آهن ۽ ناڪامين سان گڏوگڏ ڪاميابين ۾ به حصيدار هجڻ گهرجي. هن اعتراف ڪيو ته ايبٽ آباد ۾ اسامه خلاف آمريڪا جي هڪطرفي ڪارروائي سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ فرق آيو آهي. هن چيو ته ان واقعي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ غلط فهميون پيدا ٿيون آهن ۽ پاڪستان اعتماد ۾ نه وٺڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو. آمريڪا خاطري ڪرائي آهي ته آئنده ايبٽ آباد جهڙي ڪارروائي نه ڪندو. پاڪستان ڪنهن به پابندي کي قبول نه ڪندو. پاڪستان پارليامينٽ اهڙي ئي طرح جي قدمن خلاف قرارداد منظور ڪري چڪي آهي، وڌيڪ خودمختيار پرڏيهي پاليسي جي ضرورت جي سوال تي هن چيو ته پارليامينٽ وٽ سمورين قومي حڪمت عملين تي نظرثاني جو اختيار آهي ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن کي دعوت ڏني ته جيڪڏهن ضرورت آهي ته ان سلسلي ۾ ڪم ڪيو وڃي. پاڪستان ۽ ڀارت ڪشمير تڪرار سميت اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ ميز تي اچي ويا آهن، ٻنهي ملڪن کي احساس ٿيو آهي ته سندن لاڳاپا ممبئي واقعي هٿان يرغمال بڻجڻ نه گهرجن، جيڪڏهن ٻئي ملڪ ڳالهه ٻولهه نه ڪندا ته عسڪريت پسندن کي فائدو ٿيندو. ڪشميري اڳواڻ غلام نبي فائي جي آمريڪا ۾ گرفتاري بابت وزيراعظم وضاحت ڪئي ته ڊاڪٽر فائي والاريل ڪشمير جو رهواسي آهي، ان جي گرفتاري جو ڪشمير بابت پاڪستان جي ٺوس پاليسي سان ڪو به لاڳاپو نه آهي. وزيراعظم موجوده سياسي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت کي پٽڙي تان لاهڻ جي لاءِ سياسي اڳواڻ سدائين بدعنواني جي الزام لاءِ آسان هدف رهيا آهن. سرائيڪي صوبي ماڻهن جو پراڻو مطالبو آهي ۽ اسان عوامي راءِ جو احترام ڪريون ٿا. آزاد ڪشمير ۾ نئين وزيراعظم جي حوالي سان هن چيو ته مخصوص سيٽن تي چونڊن کانپوءِ پارٽي جي اڪثريت کي سامهون رکندي فيصلو ڪيو ويندو. حنا رباني کر پرڏيهي وزير بڻائڻ جي باري ۾ وزيراعظم چيو ته هو اهم ذميواريون سنڀالڻ جي لاءِ اهليت رکي ٿي. ٻي طرف وزيراعظم اطمينان جو اظهار ڪيو آهي ته برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري برطانيا جي سماجي ۽ سياسي زندگي ۾ سرگرمي سان حصو وٺي رهي آهي. هو ڪالهه خميس ڏينهن هتي چيشم بيڪنگهم شائر سان لاڳاپو رکندڙ پهرين ۽ سڀ کان گهٽ عمر نوجوان ڪائونسلر ربيعه ڀٽي سان ڳالهائي رهيو هو، ربيعه ڀٽي تازو ئي چيشم جي مقامي ڪائونسل لاءِ چونڊجي آهي. هن تازو ئي قانون ۽ نفسيات ۾ بيچلر ڊگري حاصل ڪئي آهي ۽ هو لنڊن يونيورسٽي مان قانون ۽ سياست ۾ ماسٽر ڊگري حاصل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. هو اهڙي علائقي مان چونڊي آهي، جتي ايشيائي ڪميونٽي جي تناسب صرف 30 سيڪڙو آهي. وزيراعظم سياست ۾ دلچسپي وٺڻ تي ربيعه ڀٽي کي ساراهيو.
اي پي پي