لندن

  • جولائی- 2011 -
    22 جولائی

    ڪنهن کي ڪو مسئلو آهي ته عدالت ۾ وڃي:وزيراعظم

    وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته حيرت آهي ته جن جي حڪومت ٻه ڀيرا ڪرپشن جي الزام ۾ وئي اهي به اسان تي ڪرپشن جا الزام هڻي رهيا آهن، جنرل ضياءَ، جنرل مشرف ۽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪندڙ به ڪالاباغ ڊيم ٺاهي نه سگهيا، عوام کي سبز باغ ڏيکاريا ويا، ملڪ تي گهڻو وقت حڪمراني آمرن ڪئي آهي پر پوءِ به انهن تي ڪرپشن جا الزام ناهن لڳا، جيڪڏهن ڪنهن کي ڪي خدشا آهن ته اهي عدالتن ۾ وڃن، عدالتون آزاد آهن، حڪمراني جو حق عوام ڏي ٿي، جيڪي حڪمراني جا خواهشمند آهن اهي عوام جي فيصلي جو انتظار ڪن، سياست ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، متحده کي واپسي تي ڀليڪار چئون ٿا، ڪراچي صنعتي مرڪز آهي ۽ رهندو، معاشي استحڪام جي لاءِ سياسي استحڪام تمام ضروري آهي. ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان جي بهتر پاليسين سان ملڪ ۾ فصل بهتر ٿيو آهي ۽ پهرين جڏهن اسان آياسين ته ان وقت ملڪ ۾ اٽي جي کوٽ هئي پر ڪڻڪ جو بهتر اگهه ڏيڻ کانپوءِ هاڻي ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ اٽو موجود آهي.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button