ڪمشنري نظام سنڌ جي ساڍا پنج ڪروڙ ماڻهن جو مطالبو هو : سسئي پليجو
حيدرآباد: ڪمشنري نظام سنڌ جي ساڍا پنج ڪروڙ ماڻهن جو مطالبو هو ۽ جيڪو ٻين صوبن ۾ رائج آهي ۽ سنڌ جي ماڻهن جو حق به هو جيڪو هن جمهوري حڪومت پورو ڪيو آهي . ان ڏس ۾ ڪنهن کي به ڪورٽ وڃڻو آهي ته اهو شوق به پورو ڪن . اهڙو اظهار ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو اڄ سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ کاتي جي عملدارن سان گڏجاڻي کانپوءِ مختلف اسڪيمن جي جائزي دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن ڪافي ڀوڳيو آهي ۽ هاڻ اسانجو فرض ٿئي ٿو ته ٻوڏ جي تباهڪارين سميت مختلف مسئلن جي حل لاءِ عوام جي وڌ کان وڌ خدمت ڪريون . هن چيو ته هڪڙا ماڻهو صرف اقتدار جي سياست ڪندا آهن ۽ اپوزيشن جي سياست سکي ناهي انهن کي گهرجي ته پيپلزپارٽِي کان سياست سکن ۽ هن وڌيڪ چيو ته اڪثريتي پارٽِي هجڻ جي حيثيت سان کين قانونسازي ڪرڻ جو پورو جمهوري حق حاصل آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ۾ پهريون ڀيرو مئي 2011 کان انڊومينٽ فنڊ ذريعي فنڪارن، اديبن ۽ هنرمندن جي مالي سهائتا ڪرڻ سان گڏوگڏ کين وظيفو پڻ ڏنو پيو وڃي ۽ انڊومينٽ فنڊ جي هڪ ڪميٽي جوڙيل آهي جنهن ۾ مختلف مڪتبه فڪرجا ماڻهو شامل آهن ان ذريعي بنا ڪنهن فرق جي فنڪارن جي مالي سهائتا ڪئي پئي وڃي جڏهن ته کاتي جي عملدارن سان ٿيل گڏجاڻي دوران سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي ڊائريڪٽر محمد ايوب جمالي، صوبائي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته رڳو حيدرآباد ڊويزن ۾ اديبن، فنڪارن ۽ هنرمندن کي وظيفي ۽ مالي سهائتا جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 33 لک رپين جا چيڪ ڏنا ويا آهن . هن ٻڌايو ته ميوزيم ۾ سنڌي ڳوٺ جو ڪم 60 سيڪڙو ٿي چڪو آهي ۽ باقي ڪم پڻ ڊسمبر 2011 تائين مڪمل ٿي ويندو جڏهن ته شهيد بينظير چلڊ رين پارڪ جو ڪم پڻ تيزي سان جاري آهي. ان موقعي تي علامه دائود پوٽا لائبريري جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ساجد شاهه، نسيم جلباڻي، طاهر اقبال، سليم جروار، عائشه بلوچ ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا.
ٻئي پاسي صوبائي وزير سسئي پليجو، صوبائي وزير زاهد ڀرڳڙي سان سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي عذرخواهي ڪئي. هوءَ بعد ۾ نوجوان شاعر حسن درس ۽ طارق عالم ابڙي جي پونئيرن سان پڻ تعزيت ڪري ڏک ونڊيوجتي هن چيو ته سندن وڇوڙي تي سنڌ اڄ به اداس آهي ۽ اهي سنڌ جا سچا عاشق هئا جن پنهنجي قلم وسيلي سنڌ جي حسن کي وڌيڪ سونهن بخشي .