ڪشميري عوام پي پي پي جي نمائندن کي ڪامياب ڪري ثابت ڪيو ته رھيل سيٽن تي به پي پي پي ڪامياب ٿيندي: زاهد علي ڀرڳڙي
حيدرآباد: سنڌ جي ماهيگيري کاتي واري وزير زاهد علي ڀرڳڙي چيو آهي ته ڪشمير ۾ ٿيندڙ تازين چونڊن ۾ ڪشميري عوام، پاڪستان پيپيلزپارٽي جي نمائندن کي ڪامياب بڻائي اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي 20 جولاءِ 2011 تي ڪشمير جي باقي سيٽن لاءِ ٿيندڙ چونڊن ۾ پڻ پاڪستان پيپلزپارٽي ئي کي ڪامياب ڪندي جنهن لاءِ هن پنهنجن ڪارڪنن کي اڳواٽ ئي مبارڪباد ون پڻ ڏنيون آهن _ اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ گذريل رات پ پ پ حيدرآباد جي ڪارڪن منٺار جتوئي جي رهائشگاهه تي 20 جولاءِ 2011 تي ڪشمير جي رهيل سيٽن تي ٿيندڙ چونڊن لاءِ پاڪستان پيپيلزپارٽي پاران حلقي اي ايل 36 ۽ ايل اي 30 لاءِ نامزد ڪيل اميدوار اقبال ڪشميري ۽ سردار مقصود زمان سان گڏ هڪ ڪارنر ميٽنگ جي صدارت ڪندي ڪيو _ صوبائي وزير چيو ته عوام پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ ۾ آزاد آهي ۽ چونڊن ۾ ڪنهن ٻئي پارٽي جو دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو _هن چيو ته پ پ پ ڪشمير جي چونڊن ۾ واضع برتري حاصل ڪري ڪشمير ۾ ترقي جي سفر جو آغاز ڪندي .هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ ڪشميرين لاءِ مختص ڪيل 2 سيڪڙو ڪوٽا تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو..ڪارنرميٽنگ کي خطاب ڪندي قومي اسيمبلي جي ميمبر شگفته جماڻي چيو ته کيس صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري ۽ محترمه فريال ٽالپر حيدرآباد ۾ ان لاءِ موڪليو آهي ته اسين ڪشميرين تي اهو واضع ڪري سگهون ته پاڪستان پيپلزپارٽي ڪهڙي طرح پنهنجن ماڻهن جي خدمت ڪري رهي آهي _ هن چيو ته پ پ پ کي هميشه آمريت جي ڊگهي دور واري حڪومت کانپوءِ بحرانن ۾ گهيريل ملڪ جو اقتدار ملي ٿو ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ئي ملڪ کي انهن بحرانن مان ڪڍندي آئي آهي ڀلي ان لاءِ پ پ پ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي پنهنجين جانين جو نذرانو ئي ڇو نه پيش ڪرڻو پوي _ هن چيو ته جن ماڻهن کي چونڊن شڪست ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته اهي بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وڃن ٿا _ هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي پاڪستان جي ماڻهن سان سچي محبت آهي ته اهي سعودي عرب ۾ پنهنجي جمع ڪيل رقم ملڪ ۾ واپس آڻي عوام سان پنهنجي محبت جو ثبوت پيش ڪن نه ته وري پروپيگنڊا ڪرڻ کان پاسو ڪن . ڪارنر ميٽنگ کي پي پي پي جي نامزد ڪيل اميدوارن اقبال ڪشميري ۽ سردار مقصود زمان اهو عهد ڪيو ته هو 20 جولاءِ 2011 تي ٿيندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مشن کي اڳيان وڌايو ويندو ۽ عوام جي ڀلائي وارن ڪمن لاءِ جدوجهد ڪئي ويندي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو نه صرف ڪشميري عوام جا مسئلا حل ڪيا بلڪه دنيا ۾ ڪشميري عوام جي هڪ سڃاڻپ ڪرائي . هن چيو ته پ پ پ ئي ڪشميرين جي حقن جي عملبردار آهي. گڏجاڻي ۾ عاجز ڌامراهه ، امان الله سيال، روشن سولنگي ، فياض شاهه ، نورالنساءُ ابڙو ، حنادستگير ۽ ٻين شرڪت ڪئي.