پوليس طئه ٿيل پلان موجب حضرت لعل شهباز قلندر جي 759 هين سالياني عرس مبارڪ دوران جٽادار حفاظتي انتظامن کي يقيني بڻائي: ڊي سي
حيدرآباد : ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد احمد بخش ناريجو ضلعي انتظاميه ڄامشورو ۽ سنڌ پوليس جي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته طئه ٿيل پلان موجب حضرت لعل شهباز قلندر جي 759 هين سالياني عرس مبارڪ دوران جٽادار حفاظتي انتظامن کي يقيني بڻائين. اهڙي هدايت هن اڄ سيوهڻ شريف ۾ عرس مبارڪ جي انتظامن بابت لاڳاپيل عملدارن سان منعقد ڪيل هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڏني. هن چيو ته ميلي دوران امن امان واري صورتحال کي برقرار رکڻ ۽ ٽريفڪ جي بنا رنڊڪ روانگي کي يقيني بنائڻ لاءِ 200 پوليس اهلڪارن کان علاوه 3500 پوليس اهلڪارن کي پڻ مقرر ڪيو ويوآهي. هن چيو ته ميلي دوران شرپسند عنصرن تي ڪڙي نظر رکڻ لاءِ مختلف هنڌن تي 56 ڪلوزسرڪٽ ڪيمرائون نصب ڪرڻ کان علاوه انٽليجنس نيٽ ورڪ کي به وڌيڪ اثرائتو بڻايو ويو آهي ته جيئن ڏوهاري پيشه ماڻهن کي ڪنهن به ڏوهه ڪرڻ کان اڳ گرفتار ڪري سگهجي .ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد چيو ته پانڌيئڙن ۽ مسافرن جي سهولت خاطر ڳري ٽريفڪ جو رخ نيشنل هاءِ وي طرف موڙيو ويندو جڏهن ته ڪنهن به امڪاني حادثي کان محفوظ رهڻ لاءِ انڊس هاءِ وي تي ٽريفڪ سائن ۽ ريفليڪٽرز نصب ڪيا ويا آهن .هن چيو ته ڪنهن به حادثي جي صورت ۾ اسپتالن ۽ موبائل ميڊيڪل يونٽن ۾ طبي امداد مهيا ڪرڻ جا انتظام پڻ ڪيا ويا آهن جڏهن ته بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي تي پنهنجي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي ڪمشنر حيدرآباد احمد بخش ناريجو چيو ته ان ڏس ۾ حيسڪو جي اعليٰ اختياري سان رابطو ڪيو ويو آهي جنهن تحت سيوهڻ کي ميلي دوران لوڊ شيڊنگ فري شهر قرار ڏنو ويو آهي ۽ڪنهن به فني خرابي جي صورت ۾ بجلي کي جاري رکڻ لاءِ اضافي اسٽينڊ باءِ جنريٽر جو پڻ جوڳو انتظام ڪيو پيو وڃي . هن چيو ته ميلي دوران زائرين کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال، صفائي سٿرائي، حددخلين ۽ رڪاوٽون هٽائڻ ،رستن جي تعمير۽ مرمت سميت طبي سهولتن جي فراهمي جي سلسلي ۾ انتظام مڪمل ڪري انهن جي ذيلي ڪميٽين ذريعي نگراني ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ان کان علاوه سگهڙن جي ڪچهري، ملاکڙو، محفل موسيقي جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي . ڊويزنل ڪمشنر حِيدرآباد ڊي ايس پي آفيس سيوهڻ ۾ ڪلوز سرڪٽ سرڪٽ ڪيمرائن لاءِ قائم ڪيل ڊسپلي سينٽر جو پڻ افتتاح ڪيو ۽ ميلي جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ شهر جي مختلف حصن جو دورو ڪيو . ڪمشنر حيدرآباد ميلي دوران واهن ۾ وهنجندي ماڻهن جي ٻڏي وڃڻ وارن واقعن تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي روينيو عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو قلم 144 لاڳو ڪري واهن ۾ وهنجڻ تي پابندي لڳائي ۽ گهربل اپاءُ اختيار ڪري ته جيئن ماڻهن جي قيمتي جانين کي بچائي سگهجي. هن ان موقعي تي ٻڌايو ته آغا خان فائونڊيشن ،ايدي ويلفيئر ٽرسٽ ، ڇيپا ٽرسٽ سميت ٻين ادارن جي انتظاميه کان ايمبولينسون ، تربيت يافته عملو ۽ دوائن جي فراهمي لاءِ درخواست ڪئي وئي آهي ته جيئن ماڻهن کي جاني نقصان کان محفوظ رکي سگهجي. گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ناصر عباس سومرو حضرت لعل شهباز قلندر جي عرس جي سلسلي ۾ سڀاڻي 21 جولاءِ 2011 تي ضلعي ڄامشورو ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي .