پاڻي جي پوزيشن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن وقت ڪا به خطري وارو صورتحال ناهي: آبپاشي واري صوبائي وزير
حيدرآباد : آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام سيف الله ڌاريجو چيو آهي ته سنڌ ۾ گذريل سال جي ٻوڏ جي تباهي ۾ متاثر ٿيل سمورن بندن تي ڪم جاري آهي ۽ 15 جولاءِ تائين 90 سيڪڙو بنيادي ڪم مڪمل ڪيو ويندو. بندن ۽ ڪينالن جو ڪم مڃيل ٺيڪيدارن کي ٽينڊرن جي ذريعي ڏنو ويو آهي، ڪم جي معيار تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، غلط ڪم ڪندڙ ٺيڪيدارن کي بليڪ لسٽ ڪرڻ سان گڏ سندن خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪيا ويندا. ڪچي جي علائقن ۾ ٺاهيل هٿراڌو زمينداري بندن کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ بنا متڀيد جي ڪارروائي ڪئي ويندي. ايشيائي ترقياتي بينڪ کان 14 ارب رپين جو قرض ورتو پيو وڃي جنهن ۾ سنڌ جي آبپاشي نظام جي بنيادي ڍانچي، تباهه ٿيل روڊ ۽ مواصلاتي نظام کي بهتر بڻائڻ تي رقم خرچ ڪئي ويندي. هن اهڙو اظهار ڇنڇر ڏينهن سيڊا سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڄام سيف الله ڌاريجو چيو ته سنڌ حڪومت گذريل سال جي ٻوڏ جي وڏي تباهيءَ کي 3 کان 4 مهينن جي مختصر وقت اندر بهتر طريقي سان منهن ڏنو جنهن بعد صوبي اندر بمپر فصل لٿو ۽ ڪڻڪ جي ريڪارڊ پيداوار ٿي آهي. هن چيو ته هن سال 2. 4 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي پيداوار لٿي آهي ۽ اسان ڪڻڪ ٻاهرين ملڪ موڪلڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويا آهيون. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري فنڊن جي ڏيڻ جي حوالي سان مڪمل سهڪار ڪيو آهي جنهن تي سندس ٿورائتا آهيون. ڄام سيف الله ڌاريجو چيو ته هن وقت تائين ٻوڏ جي متاثر بندن ۽ ڪينالن جي بهتريءَ تي مجموعي طور تي ساڍا 3 ارب رپيا خرچ ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گڊو کان وٺي ٺٽي تائين درياهه جي بندن جي ايراضي 1300 ميل آهي، آبپاشي کاتي جي عملدارن جي ڪوششن سان بندن تي ڪم تيز رفتاري سان جاري آهي جيڪو 15 جولاءِ تائين مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڻي جي پوزيشن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن وقت ڪا به خطري واري صورتحال ناهي پر تنهن جي باوجود آبپاشي کاتي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ عملي کي هن وقت کان بندن تي مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيوته حڪومت جون مهيني دوران هڪ ارب 80 ڪروڙ رپين جي اسڪيم منظور ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته وفاقي حڪومت جي ڪوششن سان ايشيائي ترقياتي بينڪ سان 14 ارب رپين جو قرض منظور ٿيو آهي جنهن مان سنڌ ۾ آبپاشي نظام جي بنيادي ڍانچي ۽ روڊن ۽ مواصلاتي نظام کي بهتر بڻائڻ تي خرچ ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بندن جي ڪم لاءِ ماهر ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيا ويا آهن ۽ ڪمن جي معيار جا ذميدار اهي هوندا جڏهن ته حڪومت بندن تي ٿيل ڪمن جي معيار تي ڪا به سوديبازي نه ڪندي. هن عاقل آگاڻي ۽ پي بي بند تي جاري ڪم ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال بابت خبرن جي ترديد ڪندي چيو ته اهي غلط رپورٽون آهن، ڪم بهتر طريقي سان ٿيو آهي. هن چيو ته ٺيڪيدارن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪم ۾ ڪا به ڪوتاهي ٿي ته کين بليڪ لسٽ ڪرڻ سان گڏ سندن خلاف فوجداري ڪيس پڻ داخل ڪيا ويندا. هن چيو ته غيرذميواري ڪندڙ آبپاشي عملدارن خلاف به ڪارروائي ڪئي آهي پر مجموعي طور تي آبپاشي عملدارن سنجيدگي سان ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته جمهوري حڪومت سکر ۾ بندر وال وارو 30 سال پراڻو مسئلو جمهوري انداز ۾ حل ڪيو آهي ۽ متاثرن کي معاوضو ڏنو آهي جنهن بعد انهن پنهنجا گهر پاڻ ڊاهڻ شروع ڪيا آهن. هن چيو ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ڪچي جي علائقن ۾ هٿراڌو طور تي ٺاهيل زمينداري بندن کي بنا ڪنهن متڀيد جي ختم ڪيو ويندو ۽ ان ڏس ۾ ڪارروائيون شروع ڪيون ويون آهن. هن چيو ته ڪيڏو به بااثر ڇو نه هجي پر انهن جي هٿراڌو طور تي ٺاهيل زمينداري بندن کي ختم ڪيو ويندو. هن چيو ته گڊو ڊائون اسٽريم ۾ کاٻي پاسي پي پي ايل ۽ گهوٽڪي شگر مل طرفان ڪچي جي علائقن ۾ بند ٺاهيا ويا آهن جن کي پڻ ختم ڪرايو پيو وڃي. هن چيو ته بهتر انتظام سبب ٻوڏ کانپوءِ اهڙن علائقن ۾ به زمينون آباد ٿيون آهن جتي پهريون زمينون آباد نه ٿينديون هيون. هن چيو ته مکي فرش ڪينال ۽ ايل بي او ڊي جي ذريعي ٿرپارڪر تائين پاڻي پهچايو ويندو. مکي فرش ڪينال 3 سالن ۾ مڪمل ٿيندي ۽ ان جي ذريعي ٿر کي پاور پروجيڪٽس لاءِ گهربل پاڻي پڻ فراهم ٿيندو. هن چيو ته آبپاشي نظام ۽ بندن جي بهتري تي ڪم شفاف نموني ڪرايا پيا وڃن ۽ ميڊيا جو ڪردار مثبت رهيو آهي ۽ اسان کي گڏجي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ميڊيا اسان جي رهنمائي ڪري رهي آهي. هن ميڊيا کي اپيل ڪئي ته رپورٽنگ جي ذريعي افواهه پکيڙڻ وارن عنصرن جي حوصله شڪني ڪئي وڃي.