ٽنڊو ڄام

هائير ايجوڪيشن ڪميشن، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي بجيٽ گهٽائي ڇڏي

Tandojam SAU 21.7.2011ٽنڊوڄام :هائير ايجوڪيشن ڪميشن، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي بجيٽ گهٽائي ڇڏي، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مالي مشڪلاتن ۾ ڦاسڻ جو خدشو، خبر موجب هائير ايجوڪيشن ڪيمشن، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي هلندڙ مالي سال جي بجيٽ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گهٽائي ڇڏي آهي، جنهن سان مادرعلمي سخت مالي گهوٽالي جو شڪار ٿي ويندي، ان حوالي سان سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي اختيارين کي هڪ کليل خط موڪليو آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته هلندڙ مالي سال 2012-2011 لاءِ مادرعلمي لاءِ 608.55 ملين روپيه مختص ڪيا ويا آهن، جيڪي گذريل سال جي بجيٽ 695.508 جي ڀيٽ ۾ 86.958 ملين روپيه گهٽ آهن، اهڙي ريت يونيورسٽي سان سلهاڙيل شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري جي بجيٽ هلندڙ مالي سال لاءِ 51.430 ملين روپيه مختص ڪيا ويا آهن، جيڪي گذريل سال جي بجيٽ 63.433 ملين روپين کان 12.004 ميلن روپيه گهٽ آهن، وائيس چانسلر ڄاڻايو آهي، بجيٽ گهٽائڻ سان گڏ، تازو وفاقي حڪومت پاران پيش ڪيل بجيٽ ۾ ملازمن جي بنيادي پگهار جي تبديلي، 15-سيڪڙو پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌاري لاءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي کي گهربل 139.707 ملين روپيه ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري کي گهربل 16.714 روپيه به جاري نه ڪيا پيا وڃن، جنهن سبب زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام کي ڪل 226.665 ملين روپيه ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري کي 28.718 ملين روپين خسارو ٿيندو ۽ اهڙي ريت ٻنهي ادارن کي گڏيل 255.383 ملين روپيه خساري کي منهن ڏيڻو پوندو، وائيس چانسلر هائير ايجوڪيشن ڪيمشن جي اختيارين کي لکيل ليٽر ۾ ڄاڻايو آهي ته زرعي يونيورسٽي گهڻو ڪري ايڇ اي سي جي فنڊن تي ڀاڙيندي آهي ۽ ٻين يونيورسٽين جيان کيس ٻيا لاڳاپيل ڪاليج ناهن، جن مان مالي وسيلا بهتر ڪري سگهجن، جڏهن ته خرچ پورا ڪرڻ لاءِ تجرباتي فارمن مان معمولي سطح تي آمدني حاصل ٿيندي آهي، جنهن سان ان وڏي خساري کي پورو نه ٿو ڪري سگهجي، هن چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ ان جي سلهاڙيل ڏوڪري ۾ قائم ڪاليج ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي انتهائي غريب ۽ هاري طبقي جو اولاد تعليم حاصل ڪندو آهي ۽ انهن جي والدين ۾ ايترو وس ناهي جو هو ڳريون فيون ڀري سگهن، ۽ موجوده فين مان ادارو پنهنجي مالي وسيلن کي بهتر نه ٿو ڪري سگهي، هن چيو ته اداري ۾ 1110 پوسٽ گريجوئيشن جي تعليم حاصل ڪن پيا، جن ۾ 258 پي ايڇ ڊي ۽ 852 ماسٽرس ۾ داخل آهن، هن چيو ته موجوده مالي حالتن سبب زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام سخت مالي مشڪلاتن جي ور چڙهي ويندي، جنهن ڪري هو هائير ايجوڪيشن ڪيمشن جي اختيارين کي اپيل ٿو ڪري ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام کي 226.665 ۽ زرعي ڪاليج ڏوڪري کي 28.718 ملين روپين جي گهربل بجيٽ جاري ڪئي وڃي، ته جيئن اعلي ۽ معياري تدريسي عمل جاري رکي سگهجي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button