نوشهروفيروز جي انتظاميه ۽ شهرين ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ جو هيپاٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام سان ڪو به تعلق ناهي
حيدرآباد : سنڌ جي وڏي وزير جي خصوصي پروگرام هيپاٽائيٽس جي صوبائي مينيجر ڊاڪٽرعبدالمجيد ڇٽو ڪجهه اخبارن ۾ شايع ٿيل خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته سول اسپتال نوشهروفيروز جي انتظاميه ۽ شهرين،سياسي، سماجي اڳواڻن سميت ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ جو هيپاٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام سان ڪو به تعلق نه آهي ۽ شهرين جي شڪايتن جونوٽيس وٺندي ان معاملي جي حل لاءِ سينيئر عملدارن تي مشتمل هڪ ٽيم پڻ جوڙي وئي آهي جڏهن ته اين جي او ۽ اي ڊي او سول سول اسپتال نوشهروفيروز۽ لاهور مان ڪرايل بوگس پي سي آر ٽيسٽن جي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ صحت جي اختياري ڏانهن اماڻي وئي آهي ۽ هڪ هفتي اندر پي سي آر رپورٽن جي اچڻ بعد ان معاملي ۾ جعلسازي ڪندڙن کي بي نقاب ڪري سندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن، شهرين، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن کي ٻڌايو ته پي سي آر ٽيسٽون وزير اعليٰ جي پروگرام پاران ميرپور خاص ، لاڙڪاڻي ، ڪراچي ۽ لمس ڄامشورو ۾ ڪرايون وينديون جڏهن ته ٻين رپورٽن سان سندن ڪو به تعلق ناهي .هن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته پي سي آر ٽيسٽ تي خرچ ايندڙ 800 رپيا ضلعي حڪومت برداشت ڪندي آهي جڏهن ته اها رقم ڪنهن به مريض کي ناهي ڏني ويندي آهي ..ان موقعي تي سيڪريٽري هيلٿ رضوان ميمڻ سنڌ جي وڏي وزير جي خصوصي پروگرام هيپاٽائيس کي ساراهيندي چيو ته ان پروگرام ذريعي ماڻهن کي فائدو پهچي رهيو آهي ۽ ڄاڻايل مسئلي بابت عوام پنهنجون شڪايتون ٽول فري نمبر 180014727 تي درج ڪرائي سگهن ٿا .