حيدر آباد

مڪاني ادارن جو 2001 وارو قانون غير آئيني ۽ آمرن جو آندل هوجن من پسند سياسي اڳواڻن کي سياسي رشوت ڏيڻ لاءِ هن نظام کي متعارف ڪرايو.، آغا سراج دراني

photo Sindh Minister faithaحيدرآباد: مڪاني ادارن واري صوبائي وزير آغا سراج دراني چيو آهي ته موجوده حڪومت عوام جا هيٺين سطح تائين مسئلا حل ڪرڻ ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ نومبر 2011 تائين بلدياتي چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿي ۽ سندس اها ذاتي خواهش آهي ته سندس ئي وزارت جي مدي دوران بلدياتي چونڊون ڪرايون وڃن . هن اهڙو اظهار اڄ شام ڪينٽونمينٽ پارڪ حيدرآباد ۾ ماهيگيري واري صوبائي وزير زاهد علي ڀرڳڙي سان سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي عذرخواهي ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو . صوبائي وزير آغا سراج دراني وڌيڪ چيو ته مڪاني ادارن جو 2001 وارو قانون غير آئيني ۽ آمرن جو آندل هوجن من پسند سياسي اڳواڻن کي سياسي رشوت ڏيڻ لاءِ هن نظام کي متعارف ڪرايو. هن چيو هن نظام تحت صوبائي حڪومتن جي ڪمن ۾ وڏي مداخلت ٿيندي هئي جنهن جو ڪنٽرول وفاق وٽ هوندو هو. هن چيو ته وفاقي حڪومت ناظمن کي سياسي رشوت طور وڏي پيماني تي فنڊز جاري ڪيا جيڪي عوام جي ڀلائي ۽ سهولتن بدران ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪيا ويا. نتيجي ۾ سنڌ جي ڪي به پٺتي پيل علائقي ۾ ميٽرنٽي هوم به تعمير نه ڪيو ويو.ڪمشنري نظام جي بحالي جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال تي آغا سراج دراني چيو ته صوبي جي ماحول کي نظر ۾ رکندي ان نظام مان ڪمزورين جي خاتمو آڻي ڪمشنري نظام بحال ڪيو ويو آهي ته جيئن عوام جا مسئلا فوري طور حل ڪندي کين سندن بنيادي حق فراهم ڪيا وڃن . . مڪاني ادارن جي 1979 واري قانون جي حوالي سان هڪ سوال تي هن چيو ته اهو قانون شهيد ذوالفقار علي ڀٽو طرفان متعارف ڪرايو ويو پر ماضي جي آمر جنرل ضياء طرفان ان قانون ۾ ترميمون آڻي ان کي ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو.هن وڌيڪ چيو ته ان قانون ۾ ترميمن جي حوالي سان جيڪڏهن ڪنهن به اتحادي پارٽِي کي ڪي اعتراض آهن ته ساڻن ڳالهيون ڪيون وينديون جنهن بعد ئي ان ۾ ڪا مناسب تبديلي آندي ويندي. متحده قومي موومينٽ جي حوالي سان هڪ سوال تي هن چيو ته متحده جي ناراضگي کانپوءِ کين ڳالهين جي آڇ ڪئي وئي .۽ سندن گورنر توڙي وزيرن جون استيعفائون پڻ منظور نه ڪيون ويون هن چيو ته سياست ۽ جمهوريت ۾ اختلاف رکڻ جي گنجائش آهي پر اسان سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي يقيني رکون ٿا ۽ متحده سان ڳالهيون هلندڙ آهن سندن گورنر واپس اچي چڪو آهي . هن چيو ته ماضي ۾ وڃڻ بدران اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا.هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ سمورا سنڌي آهن ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي سمورين سياسي ڌرين کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مفاهمت واري پاليسي تحت گڏ کڻي ملڪ ۽ سنڌ کي بچائڻ چاهي ٿي ۽ ملڪ خاطر جانين جون قربانيون ڏيڻ جي پڻ همت رکي ٿي. ن ليگ جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال تي هن چيو ته ن ليگ سياسي پارٽي نه پر آمرن جي پيداوار آهي جنهن جي ڪا به پاڙ نه آهي . هن وڌيڪ چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڪوششن ئي سان ن ليگ جا سربراهه وطن واپس آيا ۽ هاڻي کين عملي طور تي سامهون اچي پنهنجي پارٽي کي سياسي پارٽي طور ثابت ڪرڻو پوندو.قومپرستن جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال تي هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي قومپرستن کي سدائين ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي ۽ ملڪ جي مضبوطي، ترقي ۽ استحڪام لاءِ اسان هر ڪنهن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button