مختصر خبرون

مرحوم محمد سعيد جي ياد ۾ هڪ تعزيتي ريفرنس اسٽيٽ لائيف بلڊنگ حيدرآباد ۾ منعقد ڪيو ويو

حيدرآباد : جنرل سيڪريٽري اسٽيٽ لائيف ايمپلائيز يونين حيدرآباد زون مرحوم محمد سعيد جي ياد ۾ هڪ تعزيتي ريفرنس اسٽيٽ لائيف بلڊنگ حيدرآباد ۾ منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ اسٽيٽ لائيف جي زونل سربراهه درمحمد بالادي، اسٽيٽ لائيف آفيسرز ايسوسيئيشن جي صدرحاجي خان بلوچ، اسٽيٽ لائيف فيلڊ ورڪرز ايسوسئيشن جي صدر مير حسن مغيري پنهنجي خطاب ۾ مرحوم محمد سعيد جي اسٽيٽ لائيف لاءِ ڪيل خدمتن تي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته مرحوم اسٽيٽ لائيف ايمپلائيز جي هر دل عزيز شخصيت هو. هن چيو ته مرحوم هميشه ڏکويل ماڻهن جي خدمتن ۽ بي سهارا هولڊر خاص طور تي پوڙهن، ٻارن ۽ بيواهن جي ڪيسن کي ترجيح بنيادن تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي .تعزيتي ريفرنس ۾ مرحوم جي ايثال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي ۽ مرحوم جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪرڻ کان علاوه کين يقين ڏياريو ته اسٽيٽ لائيف انتظاميه کين ڪنهن به مشڪل گهڙي ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي. تعزيتي ريفرنس حيدرآباد جي عملدارن ۽ عملي پڻ شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button