حيدر آباد

فنڊز دير سان جاري ٿيڻ جي نتيجي ۾ مختلف ترقياتي اسڪيمون ٻن سالن تائين مڪمل نه ٿيون آهن: ڪمشنر

hyderabadحيدرآباد : ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد احمد بخش ناريجو جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ ٿيل هڪ گڏجاڻي ۾ حيدرآباد ڊيولپمينٽ پيڪيج تحت شروع ڪيل ترقياتي اسڪيمن جو جائزو ورتو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته اسڪيمن جو رهيل ڪم مقرر وقت اندر مڪمل ڪيو ويندو – ڊويزنل ڪمشنر لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي هر هڪ ترقياتي اسڪيم جا تفصيل وٽس جمع ڪرائين- هن عملدارن کي خاطري ڪرائي ته وفاق توڙي صوبائي حڪومت طرفان فنڊز دير سان جاري ڪرڻ جي نتيجي ۾ اسڪيمن کي مڪمل ڪرڻ ۾ تاخير ٿي رهي آهي ۽ سندس اها ڀرپور ڪوشش هوندي ته هو جلد کان جلد فندز جاري ڪرائي ته جئين ترقياتي ڪمن کي پورو ڪري عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي هن عملدارن کي هدايت ڪئي ته ترقياتي ڪمن ۾ اعليٰ معيار تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ ان ڏس ۾ڪمن جي اڳڀرائي بابت کيس آگاهه رکيو وڃي گڏجاڻي ۾ بريفنگ ڏيندي ترقياتي اسڪيمن جي عملدارن عبدالمالڪ کتري ۽ عبدالحميد غوري ٻڌايو ته قاسم آباد تعلقي ۾ 36 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان ڊرينيج سسٽم جي ٻيهر بحالي ۽ تعمير واري اسڪيم جو 50 سيڪڙو ڪم مڪمل آهي جڏهن ته 262 ملين جي لاڳت سان سحرش نگر کان ڀٽائي ٽائون واري روڊ جي تعمير 20 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪي آهي – هن ٻڌايو ته فنڊز دير سان جاري ٿيڻ جي نتيجي ۾ مختلف ترقياتي اسڪيمون ٻن سالن تائين مڪمل نه ٿيون آهن – هن وڌيڪ ٻڌايو ته صدر پاڪستان طرفان حيدرآباد لاءِ اعلانيل ڊيولپمينٽ پيڪيج تحت وفاقي حڪومت جي فنڊ سان 8 اسڪيمون شروع ڪيون ويون جن مان 3 مڪمل آهن جڏهن ته 5 اسڪيمن تي ڪم جاري آهي جڏهن ته صوبائي حڪومت جي فنڊ سان 30 اسڪيمون شروع ٿيون جن مان 29 مڪمل ۽ هڪ تي ڪم جاري آهي جن ۾ حيدرآباد اندر فلاءِ اوورز جي تعمير ، فلٽر پلانٽ ، ڊرينيج سسٽم ۽ سيوريج ، روڊن جي مرمت ۽ پمپنگ اسٽيشنز جي بهتري جون اسڪيمون شامل آهن – هنن ٻڌايو ته لڳ ڀڳ 30 اسٽينڊ بائي جنريٽر شهر جي مختلف پمپنگ اسٽيشنن تي نصب ڪيا ويا آهن ته جئين عوام کي گندي پاڻي جي نيڪالي ۽ برساتن جي صورت ۾ ڪنهن به پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي – گڏجاڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻهراڙي لعٰل ڏنو منگي ۽ ترقياتي اسڪيمن ، ورڪس اينڊ سروسز ، ايڇ ڊي اي جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button