سکر

علامه اقبال اوپن يونيورسٽي آگسٽ کان پهريون دفعو ڪامرس ۾ داخلا شروع ڪندي

allama iqbal universityسکر: علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽ آف ڪامرس پهرين آگسٽ کان پهريون دفعو ڪامرس ۾ اسوسي ئيٽ ڊگري پروگرامز ( اڪائونٽنگ اينڊ فنانس، بينڪنگ اينڊ فنانس، مارڪيٽنگ مينيجمينٽ، هيومين ريسوسز مينيجمينٽ، آئي ٽي مينيجمينٽ، هاسٽل مينيجمينٽ، هوٽل مينيجمينٽ ۽ ٽوئرزم مينيجمينٽ سيپشلائزيشن سان گڏ) داخلا شروع ڪري رهي آهي. اسسٽنٽ ريجنل ڊائريڪٽر علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ريجنل سينٽر سکر جي مطابق ايسوسي ئيٽ ڊگري پروگرام هاير ايجوڪيشن ڪميشن جي صلاح سان هيومن ريسورسز جي پيشه ورانه تربيت ۽ مارڪيٽ جي ضرورت جي مطابق تيار ڪيو ويو آهي. هي پروگرام خاص انهن شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. جيڪو 4 ساله پروگرام کي مالي مجبورين جي ڪري حصو نه وٺي سگهيا آهن ۽ ملازمت شروع ڪرڻ چاهين ٿا. هن وڌيڪ چيو ته هن پروگرام کي ڪاميابي سان گڏ مڪمل ڪرڻ بعد نه صرف شاگردن ۽ شاگردياڻيون ملازمت شروع ڪرڻ جي قابل ٿي ويندا. بلڪه مستقبل ۾ اهي ڪنهن به وقت بي ايس پروگرام جي پنجين سيمسٽر يا ايم ڪام پروگرام ۾ داخلا حاصل ڪري سگهندا. ايسوسي ئيٽ ڊگري پروگرام 2 سال گريجوئيشن جي برابر آهي ۽ پيشه ورانه تربيت ڊگري آهي جو مقابلن ۾ جنرل ايجوڪيشن کان بهتر آهي. اعلان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايسوسي ئيٽ ڊگري 2 سال جي دورانيه جو پروگرام آهي. جيڪو 4 سيمسٽرز تي مشتمل آهي. انٽرميڊئيٽ گهٽ ۾ گهٽ سيڪنڊ ڊويزن 45 سيڪڙو مارڪن سان گڏ داخلا جي اهميت مقرر ڪئي ويئي آهي. هي پروگرام يونيورسٽيءَ جي تمام اهم شهرن ۾ موجود يونيورسٽي جي ريجنل دفترن جي ذريعي پيش ڪيو ويندو. جنهن ۾ 70 سيڪڙو حاضري ضروري آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button