صوفي ازم نه صرف سنڌ پاڪستان ۾ موجود آهي بلڪه ترڪي، چين ۽ ٻين مغربي ملڪن ۾ به موجود آهي: سسئي پليجو
حيدرآباد : صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو چيو آهي ته دهشتگردي صرف علائقائي ئي نه پر هڪ بين الاقوامي خطرو آهي جنهن کي عوام جي حمايت ۽ بين الاقوامي هم آهنگي پيدا ڪري ئي ان جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو – هن چيو ته صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري جي ويزن تحت شروع ڪيل ڀٽ شاهه ۾ صوفي يونيورسٽي جو قيام هڪ ڊگهي مدي وارو منصوبوآهي جيڪو دهشتگردي جي خاتمي سان گڏوگڏ بين الاقوامي هم آهنگي پيدا ڪرڻ لاءِ اهم ثابت ٿيندو – هو اڄ حضرت لعل شهباز قلندر جي 759 هين ٽن ڏينهن واري سالياني عرس مبارڪ جي تقريبن جي آخري ڏينهن تي درگاه تي چادر چاڙهڻ بعد صحافين سان ڳالهائي رهي هئي- هن چيو ته حضرت لعٰل شهباز قلندر ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ، شاهه عنايت شهيد ، سچل سرمست ۽ ٻين سنڌ جي صوفي بزرگن جا نظريا صوفي يونيورسٽي آف ريسرچ ۾ نصاب جو اهم حصو هوندا جڏهن ته ڪيل تحقيق جو دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪرايو ويندو. هن چيو ته صوفي ازم نه صرف سنڌ پاڪستان ۾ موجود آهي بلڪه ترڪي، چين ۽ ٻين مغربي ملڪن ۾ به موجود آهي. هن چيو ته صوفي نظريي لاءِ ڀٽ شاهه ۾ ريسرچ سينٽر جي قيام لاءِ سنڌ جي وڏي وزيرسيد قائم علي شاهه هڪ ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪي ويجهڙائي ۾ جاري ڪيا ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ثقافت کاتي ۾ هنرمندن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي پر تنهن هوندي به اڃان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي . هن چيو ته سنڌ جي ثقافت کاتي فنڪارن ۽ هنرمندن لاءِ رهائشي ڪالونيون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جتي ڀٽ شاهه سيوهڻ ، اپر ۽ لوئر سنڌ جي فنڪارن ۽ هنرمندن کي رهائشي ۽ ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته موجوده حڪومت ٻن سالن اندرفنڪارن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ قائم ڪيل انڊورمينٽ فنڊ ۾ چار ڀيرا واڌ ڪئي آهي ۽ ان جي فن پارن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا ويندا . هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته ثقافت کاتي پنهنجي ڪم ۽ تحقيق سان هميشه قومي هم آهنگي کي مضبوط ڪيو آهي ۽ چيو ته شهباز نيشنل ادبي ڪانفرنس ۾ خيبرپختونخواهه ، پنجاب ۽ ملڪ جي ٻين علائقن مان اديبن ۽ دانشورن شرڪت ڪئي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيتوڻيڪ حضرت لعل شهباز قلندر جي سالياني عرس مبارڪ جي تقريبن جي حوالي سان ورتل انتظامن ۾ ڪجهه خامين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي پر تنهن هوندي به مجموعي طور تي انتظام تسلي بخش هئا. هن چيو ته بهتري جي گنجائش هميشه هوندي آهي ان لاءِ ايندڙ عرس مبارڪ دوران پانڌيئڙن کي وڌ کان وڌ گهربل سهولتون مهيا ڪيون وينديون