حيدر آباد

صوبائي وزير زاهد علي ڀرڳڙي سان سندس ڀاءُ محمد علي ڀرڳڙي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو سلسلو جاري

hyderabadحيدرآباد : پاڪستان پيپلزپارٽي حيدرآباد ضلعي جي صدر ۽ ماهيگيري کاتي واري صوبائي وزير زاهد علي ڀرڳڙي سان سندس ڀاءُ محمد علي ڀرڳڙي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو سلسلو ٻئي ڏينهن به جاري رهيو. ساڻس تعزيت ڪندڙن ۾ قانون وارو وفاقي وزير مولابخش چانڊيو، سينيئر صوبائي وزير تعليم پيرمظهر الحق ، صوبائي وزير ڊاڪٽر موهن لال ، ايم اين اي لعل چند، ايم پي اي ڊاڪٽرسڪندر شورو، ايم پي اي غلام رسول انڙ، سنڌ جي وڏي وزير جي خصوصي معاون سرفرازراڄڙ، امان الله سيال، سيد فياض شاهه، ذوالفقار يوسفاڻي، آفتاب احمد خانزاده، حميد سنڌي، سڪندر حيات، احسان ابڙو، غلام مرتضيٰ ميمڻ ، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ الهه بچايو سومرو، ايس ڊِي او آبپاشي امجد علي ميمڻ، ڊي جي غلام اڪبر لغاري، مختيارڪار گدا حسين، مامارند، غلام رسول ڪلهوڙو، ڊاڪٽر فريد شيخ، ڊاڪٽرڪشن چند، ڊاڪٽر انيل ڪمار ، سيد الطاف حسين شاهه ، الطاف گهمڻ ، ڊِي ايڇ او هيلٿ ڊاڪٽر علي بخش پتافي، حاجي جنيد سومرو ،زاهد مرزا، الياس قريشي، اقبال سومرو، آفتاب گهمڻ، ڊاڪٽر جبارشيخ ۽ ٻيا شامل هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button