سنڌ 35 لکن کان وڌيڪ پورهيتن ۽ سندن ڪٽنبن کي مالي فائدا ۽ طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ رقم مقرر ڪئي ويئي: امير نواب خان
حيدرآباد: صوبائي وزير محنت امير نواب خان چيو آهي ته پوري صوبي جي 35 لکن کان وڌيڪ پورهيتن ۽ سندن ڪٽنبن کي مالي فائدا ۽ طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ سوشل سيڪيورٽِي اسڪيم تحت بجيٽ جي 72 سيڪڙ رقم هڪ ارب 87 ڪروڙ 83 لک 90 هزار رپين جي رقم خرچ ڪئي پئي وڃي ۽ سندن ڀلائي وارن منصوبن جي مڪمل ڪرڻ سان گڏوگڏ نوان منصوبا پڻ تيار ڪيا پيا وڃن ته جيئن حڪومت جي عوامي پاليسي ۽ مزدورن سان ڪيل وعدا پورا ڪري سگهجن _ ان ڳالهه جو اظهار هن سوشل سيڪيورٽِي سرڪل ڪوٽڙي پاران سندس مان ۾ ڏنل عشائيه جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. صوبائي وزير چيو ته وزير محنت وارو منصب سنڀالڻ کانپوءِ کيس پورهيتن جي بنا فرق خدمت کي پنهنجو شعارسمجهندي مزدورن جي فلاحي ادارن کي وڌ کان وڌ بنائڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن جڏهن ته ادارن جي ماحول کي بهتر بنائڻ ۽ عملدارن سميت عملي کي پروموشن ڏيڻ ۾ سندس ترجيحي ۾ شامل آهي _ هن چيو ته سيسي اسپتال ڪوتڙي جي وڌيڪ توسيع ۽ تعمير لاءِ بجيٽ ۾ خطير رقم مختص ڪئي وئي آهي _ ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر سڪندر علي شورو، مزدور رهنما قموص گل خٽڪ، چيئرمين ڪاٽِي عمرحيات، ڪمشنر سيسي اعجازاحمد ميمڻ ، وائيس ڪمشنر رياض احمد ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪندي سنڌ سوشل سيڪيورٽِي پاران مزدورن لاءِ ڪيل خدمتن کي ساراهايو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ان ۾ اڃان به وڌيڪ بهتري آندي ويندي _ ان کان اڳ آجياڻي واري تقرير ڪندي ايم ايس سيسي ڊاڪٽر محمد نواز ڳاهوٽي پنهنجي اداري جي ڪارڪردگي متعلق تفصيلي ڄاڻ ڏني. بعد ۾ صوبائي وزير پنهنجي دوري دوران سفائر ٽيڪسٽائيل مل ۾ هيپاٽائيٽس بي . سي ويڪسين سينٽر جو پڻ افتتاح ڪيو ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر ڪندر علي شورو جي رهائش گاهه تي هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي .