روسپ تحت ڪم شروع ٿيڻ بعد نارا ڪينال، جمڙائو ڪينال، مٺڙائو ڪينال ۽ کپرو ڪينال ۾ پاڻي کڻڻ جي سگهه بهتر ٿي ويندي: اسحاق لاشاري
حيدرآباد : سنڌ جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري اسحاق لاشاري چيو آهي ته واٽر سيڪٽر امپروومينٽ پراجيڪٽ (روسپ WSIP) تحت ڪم شروع ٿيڻ بعد نارا ڪينال، جمڙائو ڪينال، مٺڙائو ڪينال ۽ کپرو ڪينال ۾ پاڻي کڻڻ جي سگهه بهتر ٿي ويندي ۽ پڇڙي جي آبادگارن کي فائدو ٿيندو. اهڙو اظهار هن سانگهڙ ويجهو منڍ جمڙائو تي واٽر سيڪٽر امپروومينٽ پروجيڪٽ تحت نارا ڪينال جي هلندڙ ڪمن جي دوري دوران ۽ ايريگيشن ريسٽ هائوس ۾ آبادگارتنظيمن ( فارمرزآرگنائيزيشن ) جي عهديدارن سان گڏجاڻي دوران ڳالهائيندي ڪيو. ايڊيشنل چيف سيڪريٽري چيو ته حڪومت سيڊا جوڙِي پاڻي جي ورهاست جا اختيار آبادگارن کي منتقل ڪرڻ شروع ڪيا آهن، هاڻي آبادگار تنظيمن جي عهديدارن کي گهرجي ته اهي پنهنجي آبياني جي وصولي کي بهتر بڻائين ۽ جيڪي شاخون وسپ تحت بحال ڪيون پيون وڃن انهن جي سارسنڀال ، کاٽي ۽ ٻيا ڪم ڪرائيندا رهن ته جيئن انهن تي خرچ ڪيل پئسا ضايع نه ٿين .آبدارن جي کوٽ جي حوالي سان هن چيو ته اهو ايڏو وڏو مسئلو ناهي جڏهن ته آبياني جي وصولي لاءِ روينيو کاتي جي عملدارن کي پڻ ذميواري ڏئي سگهجي ٿي.هن چيو ته آبادگارن کي سمجهڻ گهرجي ته آبيانو ڏيڻ انتهائي ضروري آهي جنهن سان شاخن جي بهتر سارسڀنال کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. هن آبادگارتنظيمن تي زور ڏيندي چيو ته هو پاڻي جي چوري کي روڪڻ لاءِ قدم کڻن ته جيئن پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ٿي سگهي .ان موقعي تي آبادگار تنظيمن جي نمائندن رائو اختر خان ، حبيب بيگ ، حاجي ملڪ خالد ۽ محمد بخش وساڻ آبپاشي نظام ۾ سڌارن واري پروگرام جي ساراهه ڪندي ان کي آبادگار دوست نظام قرار ڏنو ۽ درپيش مسئلن کان ايڊيشنل چيف سيڪريٽري کي پڻ آگاهه ڪيو . بعد ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سارڪي شاخ جو مسئلو هڪ هفتي اندر حل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ مٺڙائو ڪينال جا ورڪنگ پيپر تيار ڪرڻ جا حڪم پڻ ڏنا. ان کان اڳ هن ميرپورخاص سرڪٽ هائوس ۾ وسپ جي عملدارن خادم حسين ميمڻ، زاهد جوڻيجو ۽ نظير عيساڻي کان هلندڙ ڪمن جي حوالي سان بريفنگ ورتي جنهن دوران کيس ٻڌايو ويو ته وسپ تحت 50 شاخن جي بحالي جا ٽينڊر جاري ٿي چڪا آهن ۽ 72 شاخن جي بحالي جا ٽينڊر جاري ڪيا ويندا .جڏهن ته ستن شاخن جي بحالي جو ڪم لاڳاپيل تنظيمن جي حوالي ڪيو ويو آهي .کيس وڌيڪ ٻڌايو ويو ته وسپ تحت اپر ۽ لوئر نارا ڪينال ، مٺڙائو ڪينال، کپرو ڪينال، گهوٽڪي فيڊر ڪينال، ڦليلي ڪينال ۽ رانٽو ڪينال جي بحالي جا ڪم پڻ ڪرايا ويندا