مختصر خبرون

رمضان جو مهينو انتهائي مقدس ۽ ڀلارو مهينو آهي انڪري مهانگائيءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ضلعي انتظاميه سان تعاون ڪيو وڃي

گهوٽڪي: ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي زاهد علي عباسي ڪائونسل هال ميرپور ماٿيلو ۾ رمضان المبارڪ دوران مهانگائيءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان ضلعي جي واپارين سميت گوشت، مڇي، ڪريانه، سبزي ۽ فروٽ فروشن سان گڏجاڻي ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خطاب ڪندي چيو ته رمضان جو مهينو انتهائي مقدس ۽ ڀلارو مهينو آهي انڪري اوهان مهانگائيءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ضلعي انتظاميه سان تعاون ڪريو. ان موقعي تي هن سمورن دڪاندارن کي هدايت ڏيندي چيو ته رمضان دوران زخيرا اندوزي ۽ هٿرادو مهانگائي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته ان سلسلي ۾ ضلعي انتظاميه پاران روزانو جي ڪم ايندڙ شاين جا اگهه مقرر ڪيا ويندا جن تي ضلعي جي سمورن دڪاندارن کي عمل ڪرڻو پوندو جنهن جي نگراني ڪئي ويندي. ان موقعي تي ڊي سي، ايس ڊي ايم ۽ مختيارڪارن کي هدايت ڏيندي چيو ته هو پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ روزانو جي بنيادن تي مارڪيٽ ۾ وڃي نگراني ڪن ۽ دڪاندارن کي آگاه ڪن ته هو ريٽ لسٽون نمايان جڳهن تي لڳائين ته جيئن رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ عام ماڻهن کي فائدو حاصل ٿي سگهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button