حيدرآباد ۾ پوليو جا 8 ڪيس ظاھر ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظھار
حيدرآباد: ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد آفتاب احمد کتري، ڊويزن ۾ پوليو جا 8 ڪيس رپورٽ ٿيڻ تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن ۽ صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو 18 جولاءِ 2011 کان شروع ٿيندڙ ٽن ڏينهن واري پوليو مهم دوران سئو سيڪڙو ڪوريج ڪرڻ کي يقيني بڻائين _ هن عملدارن کي چتاءُ ڏنو ته مهم دوران ڪوتاهي ڪندڙ ۽ ڪنهن علائقي ۾ پوليو جا ڦڙا نه پيارڻ جي صورت ۾ سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. اهڙي هدايت هن اڄ پوليو مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڏني. گڏجاڻي کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ پوليو جي ظاهر ٿيندڙ14 ڪيسن مان 8 ڪيس حيدرآباد ڊويزن ۾ رپورٽ ڪيا ويا آهن جن مان ٽي حيدرآباد ضلعي ، ٻه ضلعي ٺٽي، ٻه بدين ضلعي ۽ هڪ پوليو جو ڪيس ضلعي ڄامشورو ۾ ظاهر ٿيو آهي. ڪمشنر حيدرآباد لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته يونين ڪائونسل سطح تي هڪ منصوبو جوڙي . ان تي عمل ڪن جڏهن ته روينيو، صحت، تعليم ۽ لوڪل گورنمينٽ جي کاتن جي عملي کان علاوه غير سرڪاري تنظيمن سميت سياسي ڪارڪنن کي پڻ مهم ۾ شامل ڪن ته جيئن مهم جا گهربل نتيجا حاصل ڪري سگهجن. هن، حساس يونين ڪائونسلن جي نشاندهي ڪري انهن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي.هن گهرن اندرن خاص طور تي تازو ڄاول ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ لاءِ ليڊي هيلٿ ورڪرن کي پوليو مهم دوران ٽيم ۾ شامل ڪرڻ تي پڻ زور ڀريو. هن چيو ته پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار وارا ڪيس معاشري لاءِ هڪ خطرو آهي ۽ ڪجهه ماڻهن جي انڪار سبب پوري معاشري کي خطري ۾ نٿو وجهي سگهجي . هن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو اهڙن والدين کي پنهنجن پنجن سالن وارن ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ لاءِ راضي ڪن ۽ خصوصي ٽيمون جوڙين جنهن ۾ ڊاڪٽرن، سماجي رهنمائن سميت مذهبي اسڪالرز ۽ سياسي ڪارڪن کي پڻ شامل ڪن. هن ، صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو پوليو جا مڪمل ڦڙا پيئندڙ ٻارڙن ۾ پوليوجي حملي جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي جانچ ڪرڻ سان گڏوگڏ ان وائرس جي روڪٿام لاءِ تجويزون پڻ پيش ڪن. هن، واسطيدار ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته ٽيم جي چونڊ ۽ رٿابندي، ڦڙا پيارڻ جي هرسرگرمي کان 10 ڏينهن اڳ ڪئي وڃي . هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو ويڪسيئن کي محفوظ ۽ ٿڌو رکڻ ۽ غيرڪتب ٿيل وائلز سپروائيزرن کي روزاني جي بنياد تي واپس ڪن. هن اها به هدايت ڪئي ته هر ڏينهن جي پڄاڻي تي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪرڻ وارن ڪيسن متعلق ترت لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنرن / مختيارڪارن کي آگاهه ڪن ته جيئن اهڙن ماڻهن کي ايندڙ مرحلي ۾ پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ لاءِ راضي ڪري سگهجي. هن صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو پوليو جا ڦڙا پيئندڙ ٻارڙن جي آڱوٺي تي نشان لڳائڻ لاءِ انڪ مارڪر جي موجودگي کي يقيني بڻائين. ان کان اڳ دادو، ٺٽو ۽ حيدرآباد ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن پنهنجن ضلعن ۾ پوليو مهم جي سئو سيڪڙو ڪوريج حاصل ڪرڻ لاءِ اختيار ڪيل اپائن بابت گڏجاڻي کي تفصيلي ڄاڻ ڏني.ڊائريڪٽر هيلٿ عبدالجليل بچاڻي گڏجاڻي کي تفصيلي ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته 1537527 پنجن سالن تائين جي ڄمار وارن ٻارڙن کي 18 جولاءِ 2011 کان شروع ٿيندڙ ٽن ڏينهن واري مهم دوران پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا. هن چيو ته ان ڏس ۾ 3806 گشتي ٽيمون ۽ 469 مقرر ٽيمن کان علاوه داخلي ۽ خارجي هنڌن تي 308 ٽيمون جوڙيون ويون آهن . هن چيو ته 862 ايريا انچارجز کي رٿا تي عملدرآمد لاءِ ذميواري ڏني وئي آهي جڏهن ته 183 زونل سپروائيزر ان سموري عمل جي نگراني ڪندا.هن چيو ته مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ 183 گاڏين کي استعمال ڪيو ويندو.