حيدرآباد جي سال 2005 کان اڳ واري حيثيت ۾ بحالي سان عام ماڻهن کي نقصان نه پر فائدو پهچندو: ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد
حيدرآباد: ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد آصف علي ميمڻ ضلعي جي سمورن سب ڊويزنل مئجسٽريٽن ، تعلقي ايڊمنسٽريٽرن ۽ مختيارڪارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو حڪومت پاران ڪمشنري نظام جي بحالي بعد ماڻهن کي بهترخدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائين ته جيئن عوام کي ڪمشنري نظام ذريعي وڌ کان وڌ فائدو پهچڻ سميت کين گهربل سهولتون پڻ مهيا ٿي سگهن . اهڙي هدايت هن اڄ شهباز هال حيدرآباد ۾ حڪومت پاران تازو صوبي ۾ بحال ڪيل ڪمشنري نظام جي سلسلي ۾ حيدرآباد ضلعي جي مختلف کاتن جي عملدارن جي سڏايل هڪ تعارفي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪئي. ان موقعي تي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي موجوده حڪومت پاران بحال ٿيل ڪمشنري نظام جي سلسلي ۾ حيدرآباد جي پهرين ڊپٽي ڪمشنر آصف علي ميمڻ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو روزاني جي بنياد تي هنگامي بنيادن تي ٿيندڙ خرچن لاءِ انگ اکر فراهم ڪن ته جيئن ضلعن جي ڀڃ ڊاهه ۽ نئين سرجوڙجڪ ۾ ڪا پريشاني پيش نه اچي _ هن ، کين اها به هدايت ڪئي ته هو نئين سيٽ اپ جي حساب سان پنهنجن آفيسن جي اثاثن جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪن _ هن چيو ته کين مئجسٽريٽ اختيارن بابت سنڌ حڪومت تمام جلد فيصلو ڪندي. هن چيو ته حيدرآباد جي سال 2005 کان اڳ واري حيثيت ۾ بحالي سان عام ماڻهن کي نقصان نه پر فائدو پهچندو ڇاڪاڻ ته حيدرآباد ضلعي جي پراڻي حيثيت ۾ بحالي کانپوءِ ضلعي جي رهواسين جي بنيادي مسئلن ۽ شڪايتن جو سندن درن تي ازالو ٿي سگهندو. هن عام ماڻهن کي چيو ته هو پنهنجي مسئلن ۽ شڪايتن جي سلسلي ۾ ضلعي جي ڪنهن به عملدارن سان ڪنهن به وقت لهه وچڙ ۾ اچي سگهن ٿا _ گڏجاڻي ۾ سمورن لاڳاپيل کاتن جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي ۽ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد آصف علي ميمڻ کي پنهنجي ڀرپور سهڪار۽ تعاون جو يقين ڏياريو.