مختصر خبرون
حيدرآباد جيل جو 60 سالن جو پڪو قيدي فتح محمد ولد حاجي ابراهيم ڪيهر دل جي دوري پوڻ سبب فوت ٿي ويو
حيدرآباد: سپرنٽينڊنٽ سينٽرل جيل حيدرآباد پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حيدرآباد جيل جو 60 سالن جو پڪو قيدي فتح محمد ولد حاجي ابراهيم ڪيهر دل جي دوري پوڻ سبب فوت ٿي ويو آهي. جاري ڪيل پڌرائي موجب فتح محمد کي دل ۾ تڪليف سبب گذريل رات 9 وڳي سول اسپتال حيدرآباد ۾ منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو _ پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته فتح محمد کي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ سيشن جج ٽندو آدم ڦاهي جي سزا ٻڌائي مٿس 3 لک رپين جو ڏنڊ وڌو هو. جڏهن ته کيس 8 مئي 2007 تي سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ آندو ويو هو.