بندن جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ ۽ مهاجر صوبي جي سازش خلاف سپنا جا مظاهرا ۽ ڌرڻا
حيدرآباد: سنڌ ۾ بندن جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ ۽ مهاجر صوبو ٺاهڻ واري سازش خلاف سنڌ پروگريسو الائنس جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ايس ٽي پي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي. عوامي تحريڪ، ترقي پسند ناري تحريڪ جي ڪارڪنن دودو مهيري ۽ حميد ملاح ، نور احمد ڪاتيار، حاڪم زادي ٿيٻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اولڊ ڪئمپ کان پريس ڪلب حيدرآباد تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي سپنا جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته حڪومت ٻوڏ سبب تباهه ٿيل بچاءُ بند جي مرمت ڪرڻ واري ڪم مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي حڪومت جي سست رويي سان لڳي ٿو ته سنڌ کي هڪ دفعو ٻيهر ٻوڙيو ويندو، هنن چيو ته حڪومت جا سڀ ڪيل واعدا ڪوڙا ثابت ٿيا آهن اڄ به سنڌ جو عوام پاڻ کي غير محفوظ سمجهي ٿو، سنڌ لاءِ پ پ جي اقتداري ويڙهه ۾ ڪراچي ۾ بيگناهه سنڌي ماڻهن جو قتل عام ٿي رهيو آهي، ڪراچي کي مهاجرن جو الڳ صوبو ٺاهڻ جو مطالبو ڪراچي جي ڀتين تي چاڪنگ ڪيو وڃي ٿو، هن چيو ته ڪراچي سنڌي قوم لاءِ اهڙِي مقدس آهي جهڙي طرح فلسطنين لاءِ بيت المقدس آهي، مسلمانن لاءِ مدينه منور شريف. ڪراچي کي سنڌ مان ڌار ڪرڻ جي سازش بند ڪئي وڃي. ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي تحريڪ ۽ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. جهنڊا ۽ بئنر کڻي احتجاج ڪندڙ ڪارڪنن سنڌ ۾ بندن جي بروقت مرمت نه ٿيڻ تي حڪومت خلاف زوردار نعريبازي ڪئي .لاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽر عامر مغل، احمد علي تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، سکر ۾ قاسم پارڪ کان ريلي ڪڍي وئي مظاهري جي اڳواڻي نذير سومرو، وحيد کوسو ۽ ٻين پڻ ڪئي، خيرپور ناٿن شاهه ۾ علي حسن جانوري، سرمد چانڊيو محبوب لاکير جي اڳواڻي ۾ ورڪرن ڪميونٽي سينٽر کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ، نوابشاهه ۾ حاجي رجب ۽ نثار ڪيريو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڪنڌڪوٽ ۾ شاهنواز ۽ پير بخش جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مورو ۾ سيف الله ملڪ، ميان داد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ڪنري ۾ جسقم، جساف ۽ سنڌي اتحاد جي ڪارڪنن هٿن ۾ جهنڊا ۽ پلي ڪارڊ کڻي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو، سامارو ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن عبدالله ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ٺٽي ۾ غياث ميمڻ، حآجي انور ڪرنائي، گهنور خان زئنور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايڌي سينٽر ٺٽو کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ڪوٽڙي ۾ گوتم چنا، عرفان شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تعلقه اسپتال ڪوٽڙي کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ميرپورخاص ۾ سارنگ انڙ، مالڪ نوحاڻي فيضان سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، بن قاسم ۾ عباس جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، بدين ۾ علي حيدر پنهور، شاهنواز سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو، سانگهڙ ۾ دلمراد ڏاهاڻي جان محمد ابڙو، علي جڙِو مگسي، جاويد مري، ولي محمد مڱريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ميرپورخاص روڊ بلاڪ ڪيو ويو.
مانيٽرنگ ڊيسڪ