ادارا ماڻهن جي خدمت لاءِ ٺاهيا ويندا آهن ۽ جيڪڏهن اهي ماڻهن جي خدمت ۾ ناڪام وڃن ته انهن جو مقصد فوت ٿي وڃي ٿو: ڀرڳڙي
حيدرآباد: ماهيگيري واري صوبائي وزير زاهد علي ڀرڳري چيو آهي ته حيدرآباد شهر جي رهواسين کي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ سيوريج جي نطام ۾ درپيش مسئلن جي مستقل حل لاءِ واسا جي نئين سر جوڙ جڪ لازمي بڻجي وئي آهي _ هن ان ڏس م مئسلن جي نشاندهي ۽ حل لاءِ سفارشون تيار ڪرڻ خاطر ايڇ ڊي اي ، واسا ۽ ايڇ ڊي پي جي عملدارن تي مشتمل هڪ ڪاميٽي جوڙِيندي کيس هڪ هفتي اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي .ايڇ ڊي اي آفيس ۾ ايڇ ڊي اي ، واسا ، ايڇ ڊي پي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن جي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي صوبائي وزير چيو ته شهرين کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي . حيدرآباد شهر جي رهواسين کي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ سيوريج نظام جي بهتري لاءِ جوڙيل ڪاميٽي پاران نشاندهي ڪيل مسئلن جي حل ۽ بهتري لاءِ ڏنل تجويزون صوبائي مڪاني ادارن واري کاتي ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي پڻ پيش ڪيون وينديون ۽ انهن جي حل لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي. هن چيو ته ادارا ماڻهن جي خدمت لاءِ ٺاهيا ويندا آهن ۽ جيڪڏهن اهي ماڻهن جي خدمت ۾ ناڪام وڃن ته انهن جو مقصد فوت ٿي وڃي ٿو_ هن چيو ته واسا جي مالي مسئلن کي مٿاهين سطح تي حل ڪيو ويندو ۽ ان کي خود ڪفيل بنائن لاءِ پڻ حڪمت عملي جوڙي ويندي ته جيئن هو بحران مان ٻاهر نڪري سگهي. گڏجاڻي ۾ ايم ڊي واسا ٻڌايو ته سندس ادارو مالي مشڪلاتن جو شڪار آهي ان ڪري سندن ڪم ۾ مشڪلاتون اچي رهيون آهن _ هن چيو ته واسا جي ملازمن جون پگهارون ماهوار 3 ڪروڙ 10 لک رپيا آهن جڏهن ته وصولي صرف 2 ڪروڙ 10 لک رپيا ٿي آهي جڏهن ته مختلف هنڌن تي 67 جنريٽرز نصب ٿيل آهن جنهن جي ڊيزل جا به پئسا دستياب نه آهن .هن ٻڌايو ته واسا کي صارفين خاص طور وفاقي ۽ صوبائي ادارن کان بقاياجات جي وصولي ۾ پڻ مسئلا درپيش آهن ان تي صوبائي وزير ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد آصف علي ميمڻ کي هدايت ڪئي ته هوبقاياجات جي وصولي لاءِ واسا جي مدد ڪري _ گڏجاڻي ۾ ڊي جي ايڇ ڊي اي ٻڌايو ته سندس اداري پاران واسا جي مالي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي گذريل ڏيڍسال ۾ 18 ڪروڙ رپيا ادا ڪيا ويا آهن پر ان جي باوجود وڌيڪ فنڊز جي ضرورت آهي _ صوبائي وزير لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته جيستائين مسئلن جي حل بابت ڪا پيش رفت ٿئي تيستائين موجوده وسلين اندر پاڻي جي فراهمي ۽ سيوريج نظام کي بهتر بڻايو وڃي ته جيئن هلندڙ برساتي موسم دوران عوام کي ڪنهن به قسم جي ڏکيائي پيش نه اچي _گڏجاڻي ۾ ڊپٽِي ڪمشنر حيدرآباد آصف علي ميمڻ ، ڊي جي ايڇ ڊي اي غلام محمد قائمخاني ، ايم ڊي واسا شفيق آرائين ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي