حيدر آباد

ڪراچي ۾ فوج گهرائڻ جي ضرورت نه آهي: سيد قائم علي شاهه

حيدرآباد: سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ هنگامن تي قابو پائڻ لاءِ سياسي ۽ انتظامي ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته سنڌ پوليس ۽ رينجرز تسلي بخش فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن ۽ ڪراچي ۾ فوج گهرائڻ جي ضرورت نه آهي. اها ڳالهه هن اڄ سنڌ جي عظيم صوفي بزرگ حضرت لعل شهباز قلندر جي 759 هين عرس مبارڪ جي ٽن ڏينهن واري تقريبن جي ٽئين ڏينهن مزار تي چادر چاڙهڻ کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته صدرپاڪستان ڪراچي ۾ امن ۽ امان بحال ڪرڻ لاءِ ڪافي سنجيده آهي ۽ ان ڏس ۾ هن گهڻيون گڏجاڻيون منعقد ڪيون آهن . هن چيو ته سمورن واسطيدار ماڻهن کان ڳالهه ٻولهه هلندڙ آهي ۽ سنڌ پوليس ۽ رينجرز جي عملدارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ڪراچي ۾ امن امان واري صورتحال کي ڪنٽرول ۾ رکن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم اپوزيشن بينچن تي هلي وئي آهي تنهن هوندي به پاڪستان پيپلزپارٽي جي مفاهمتي پاليسي جي تحت انهن کي واپس حڪومت ۾ آڻڻ لاءِ ڳالهيون هلندڙ آهن. هن چيو ته ملڪ ٽڪراءُ جي سياست جو متعمل نٿو ٿي سگهي اهو ئي ڪارڻ آهي جو پ پ پ ملڪ کي خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ شروع کان ئي مفاهمتي پاليسي تي عمل پيرا ٿي سمورن جمهوري قوتن کي گڏ کنيو. مڪاني چونڊون ڪرائڻ متعلق هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته تازو پراڻو لوڪل گورنمينٽ سسٽم بحال ڪيو آهي اهڙين شين کي صحيح ڪرڻ ۾ مصروف آهي جنهن کانپوءِ مڪاني چونڊون ڪرايون وينديون.هن چيو ته هو اڄ عظيم صوفي بزرگ حضرت لعل شهباز قلندر جي سالياني عرس مبارڪ جي آخري ڏينهن مزار تي فاتحه خواني ڪندي سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا گهرڻ آيو آهيان. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيوهڻ شريف پهچڻ کانپوءِ ترت حضرت لعل شهبازقلندرجي مزار تي حاضري ڀري چادرچاڙهي دعا گهري. هن مزار تي هلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو. سنڌ جي وڏي وزير واسطيدار عملدارن کان هلندڙ ڪمن جي رفتار ۽ معيار متعلق معلوم ڪيو ۽ ان ڪم کي مقرر وقت ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي .هن مزار جي مختلف حصن ۾ جاري ڪمن بابت معلومات حاصل ڪئي . بعد ۾ سنڌ جي وڏي وزير مزار جي احاطي ۾ غريب عورتن ۾ ڪپڙا ورهايا ۽ مزار جي ٻاهر سنڌ پيپلزاسٽوڊنٽس فيڊريشن ( ايس پي ايس ايف) ۽ سنڌ اوقاف کاتي پاران لڳايل ايمرجنسي ميڊيڪل ڪيمپن جو پڻ دورو ڪيو ۽ اتي زيارتين کي ابتدائي طبي مدد فراهم ڪرڻ وارين ڪوششن کي ساراهيو. ۽ چيو ته اهو هڪ نيڪ ڪم آهي جنهن جو صلو رب پاڪ ڏيندو .ان موقعي تي اقليتي معاملن واري صوبائي وزيرموهن لعل،ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد احمد بخش ناريجو، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ناصر عباس سومرو، صوبائي سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي، صوبائي سيڪريٽري اوقاف ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button