حيدر آباد

ڊويزنل ڪمشنر سانوڻي جي امڪاني برساتن جي پاڻي جي نيڪال لاءِ ضلعي جي مختلف تعلقن جو هنگامي دورو ڪيو

حيدرآباد: ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد احمد بخش ناريجو سانوڻي جي امڪاني برساتن جي پاڻي جي نيڪال لاءِ انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اڄ ضلعي جي مختلف تعلقن جو هنگامي دورو ڪندي واسطيدار عملدارن کي تعلقي قاسم آباد، لطيف آباد ۽ سٽي ۾ ايمرجنسي سيل قائم ڪرڻ ۽ شهر جي برساتي نالن توڙي روڊ رستن جي صفائي ۽ سمورين پمپنگ اسٽيشنن کي فعال بنائڻ جي هدايت ڪئي آهي.ڊويزنل ڪمشنرحيدرآباد احمد بخش ناريجو تعلقي قاسم آباد، سٽي ۽ لطيف آباد جي پمپنگ اسٽيشن جو دورو ڪري انهن جي حالت معلوم ڪئي ۽ سخت هدايت پڻ ڪئي ته پمپنگ اسٽيشن تي اسٽينڊ باءِ جنريٽر جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن امڪاني برساتن دوران لوڊ شيدنگ جي صورت ۾ پاڻي جي نيڪالي ۾ ڪا به رڪاوٽ پيش نه اچي .ڊويزنل ڪمشنر پمپنگ اسٽيشن جي مجموعي حالت تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارن کي پڻ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته تعلقي قاسم آباد ۾ روڊ ۽ رستن جي تعميراتي ڪمن جي رفتار پڻ وڌائي ويندي ته جيئن برساتي نالن ۽ سيوريج جي نظام کي بهتر بڻائي سگهجي .هن چيو ته قاسم آباد ۾ تعميراتي ڪمن جي ڪري امڪاني برساتن جي نتيجي ۾ مختلف مسئلا جنم وٺي سگهن ٿا پر سندس انتظاميه جي ڀرپور ڪوشش هوندي ته امڪاني برساتن کان اڳ ان ڪم کي مڪمل ڪري برساتي نالن، ڊرينيج ۽ سيوريج نظام کي بهتر بڻايو ويندو ته جيئن شهرين کي ڪنهن به ڏکيائي کي منهن نه ڏيڻو پوي .شهر جي مختلف حصن ۾ صفائي سٿرائي جي اڻپورن انتظامن جي حوالي سان ڳالهائيندي ڊويزنل ڪمشنر احمد بخش ناريجو چيو ته ٽِي ايم اوز عملي جون پگهارون ڪجهه عرصي کان رڪيل آهن ۽ سندس اها ڪوشش آهي ته جلد کان جلد سندن پگهارون جاري ڪرائي صفائي سٿرائي کي يقيني بڻايو وڃي .هن ٽنهي تعلقي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته فوري طور ايمرجنسي سينٽر قائم ڪري انهن جافون نمبر ميڊيا ذريعي عوام تائين پهچايا وڃن ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال دوران عوام ساڻن رابطي ۾ اچي سگهي ۽ عوامي شڪايتن جو ترت ازالو ڪري کين گهربل سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي . ان موقعي تي ايم ڊي واسا شفيق آرائين ، ٽنهي تعلقن جا اسسٽنٽ ڪمشنرز ۽ ٻيا عملدارن پڻ ساڻس گڏ هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button