حيدر آباد

پوليو مهم کي پنهنجي ڊيوٽي سمجهي نه پر عبادت سمجهي پنهنجو فرض ادا ڪيو وڃي: کتري

Khatriحيدرآباد: ضلعي ايڊمنسٽريٽرحيدرآباد آفتاب احمد کتري صحت ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته هو پوليو مهم کي پنهنجي ڊيوٽي سمجهي نه پر عبادت سمجهي پنهنجو فرض ادا ڪن جڏهن ته ان قومي فرض کي پورو ڪرڻ لاءِ سنجيدگي سان پوليو جي بيماري خلاف جهاد ڪن ته جيئن ملڪ ۽ قوم جي نون ڄاول ٻارڙن کي ان مهلڪ بيماري کان محفوظ رکي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ ضلعي ناظم سيڪريٽريٽ حيدرآباد ۾ پوليو مهم جي حوالي سان ڪوٺايل هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو .گڏجاڻي ۾ اي ڊي او هيلٿ ڊاڪٽر بخش علي پتافي ، اي ڊي او فنانس ۽ پلاننگ اعجاز الحسن، اي ڊِي او سي ڊي ڊي قربان علي ميمڻ ، اي ڊي او ايجوڪيشن نياز لغاري،ڊپٽي ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪولس، چيئرمين هلال احمر، مينيجر اوقاف ، يونيسيف ، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي نمائندن ۽ واسطيدار عملدارن پڻ شرڪت ڪئي . واضع رهي ته ٽن ڏينهن واري اها پوليو کان بچاءُ واري مهم ضلعي حيدرآباد ۾18 کان 20 جولاءِ 2011 تائين جاري رهندي. ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد آفتاب احمد کتري چيو ته ماڻهن کي صحت جون گهربل سهولتون فراهم ڪرڻ ضلعي حڪومت جي اولين ترجيح ۾ شامل آهي ان سلسلي ۾ طبي سهولتن جي فراهمي ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي.هن چيو ته ضلعي حيدرآباد جي پوليو کان پاڪ واري حيثيت کي برقرار رکڻ لاءِ ايمانداري ۽ محنت سان پنهنجا فرض ادا ڪرڻ سميت پنهنجي نيٽ ورڪ کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته ان وچڙندڙ بيماري جي آگاهي جي سلسلي ۾ ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ سميت پوليو کان بچاءُ جي ويڪسينيشن واري مهم کي ڀرپور طريقي سان ڪامياب بنائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي موثر حڪمت عملي ترتيب ڏيڻي پوندي ۽ ان ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي کي هرگزبرداشت نه ڪيو ويندو.هن والدين ، سول سوسائٽي ، اين جي اوز ۽ سماجي تنظيمن جي نمائندن کي اپيل ڪئي ته هو پوليو مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ضلعي حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏين ۽ پنهنجي پنجن سالن جي ڄمار وارن ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ وارا ڦڙا پيارڻ کي يقيني بڻائين ته جيئن معصوم ٻارڙا هميشه لاءِ معذور ٿيڻ کان محفوظ رهي سگهن .هن چيو ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاءِ اهو لازمي آهي ته يوسي سطح تي ڪميٽيون جوڙِيون وڃن ته جيئن اهي سمورن ڪمن جي نگراني ڪرڻ سان گڏوگڏ ٽيمن جي نه پهچڻ جي صورت ۾ ترت لاڳاپيل عملدارن کي ان جي ڄاڻ ڏين ته جيئن ان جو فوري تدارڪ ٿي سگهي. ان موقعي تي اي ڊي او هيلٿ گڏجاڻي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته صحت کاتي پاران ان سلسلي ۾ مهم دوران ضلعي جي پنهنجن سالن جي ورهين وارن 289489 ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا حفاظتي ڦڙا پيارڻ لاءِ 680 گشتي ٽيمون ، 84 مقرر مرڪزن ۽ 34 ٽرانزٽ پوائنٽون قائم ڪيون ويون آهن جڏهن ته سڄي ضلعي ۾ تعقلي سطح تي 7 فوڪل پرسن ، 25 زونل سپروائيزر ۽ 157 ايريا انچارج مقرر ڪيا ويا آهن جيڪي ضلعي جي 52 يونين ڪائونسلن ۾ پوليو مهم جي سارسنڀال ڪندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button