حيدر آباد

رمضان المبارڪ جي آمد کان اڳ روزمره جي کاڌ خوراڪ وارين شين جي اگهن تي ضابطو رکيو وڃي: ڪشمنر

Ramadan al Mubarak Ramazanحيدرآباد: ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد احمد بخش ناريجو ڊويزن جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي رمضان المبارڪ جي آمد کان اڳ روزمره جي کاڌ خوراڪ وارين شين جي اگهن تي ضابطو رکڻ لاءِ هوسيلرز، ريٽلرز صارفين ۽ مارڪيٽ ڪميٽي جي نمائندن سان گڏجاڻيون منعقد ڪن _ هن کين اها به هدايت ڪئي ته هو ضلعي ۽ تعلقي سطح تي صارفين جي نمائندن، دوڪاندارن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن تي مشتمل نگراني ٽيمون جوڙين جيڪي رمضان المبارڪ دوران بچت بازارن ، يوٽيليٽِي اسٽورن ۽ رعايتي اسٽالن تي موجود شين کي مقرر ڪيل اگهن تي وڪري کي يقيني بڻائين _ اهڙي هدايت هن اڄ شهباز هال شهباز بلڊنگ حِيدرآباد ۾ رمضان المبارڪ جي حوالي سان منعقد ڪيل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڏني . ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ روينيو کاتي، پوليس ۽ رينجرز عملدارن سميت مارڪيٽ ڪميٽي، هول سيلرز، ريٽلرز۽ سمال مرچنٽ آرگنائيزيشن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ڊويزنل ڪمشنر چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ روزمره جي عام واهپي جي شين جي اگهن تي ضابطي ۽ مارڪيٽ جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ لاءِ مئجسٽريٽي پاور بحال ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي . هن چيو ته منافعه خوري، روزمره جي شين جي اگهن ۾ هٿرادو کوٽ ۽ صارفين کان وڌيڪ اگهه وصول ڪرڻ وڏا ڏوهه آهن _ هن چتاءُ ڏيندي چيو ته ان قسم جي سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومت رمضان المبارڪ دوران غريب ۽ وچولي طبقي کي خصوصي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ فقط اٽي تي 2.25 بلين رپين جي سبسڊي ڏيندي جنهن بعد رمضان المبارڪ دوران في 10 ڪلو اٽي ٿيلهي 210 رپين جي حساب سان فراهم ڪئي ويندي.هن چيو ته اها رعايت روزمره جي ٻين کاڌ خوراڪ وارين شين تي پڻ ڏني ويندي.جڏهن ته مختلف علائقن ۾ بچت بازار، فيئرپرائيس اسٽال ۽ يوٽيلٽي ڪارپوريشن کي پڻ فعال بڻايو ويندو.هن ڊويزن جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته اهي غريب آبادي وارن علائقن ۾ بچت بازارون لڳائين ته جيئن غريب عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ٿي سگهي _ هن، ضلعي ۽ تعلقي سطح تي قائم ويجيلنس ڪميٽي کي هدايت ڪئي ته اهي حڪومت پاران فراهم ڪيل عام واهپي جي شين جي اگهن جون لسٽون پنهنجن دڪانن تي نمايان هنڌن تي لڳائڻ ۽ ان تي عملدرآمد کي پڻ يقيني بڻائين .ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد احمد بخش ناريجو حيسڪو، سوئي گيس ۽ واسا جي انتظاميه کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجن صارفين کي معياري خدمتون فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻائين جڏهن ته هن ميونسپل ايڊمنسٽريشن / ٽِي ايم ايز کي پنهنجي لاڳاپيل علائقن ۾ صفائي سٿرائي واري نظام کي بهتر بنائڻ جي پڻ هدايت ڪئي _ هن، سنڌ پوليس ۽ رينجرز کي خاص طور تي عوامي هنڌن ، بچت بازارن ۽ يوٽيلٽي اسٽورن تي سخت حفاظتي اپاءُ اختيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
هن چيو ته رمضان المبارڪ دوران سمورن انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر جي سربراهي ۾ سندس آفيس ۾ هڪ مانيٽرنگ سيل پڻ قائم ڪيو ويو آهي. ڊويزنل ڪمشنر وڌيڪ چيو ته ڪنهن به عملدار پاران ڪوتاهي ڪرڻ تي سندس خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي . هن، روينيوکاتي ۽ پوليس انتظاميه کي اها پڻ هدايت ڪئي ته اهي رمضان المبارڪ جي احترام کي پڻ يقيني بڻائين .ان موقعي تي يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن جي نمائندي گڏجاڻي کي ٻڌايو ته سندن انتظاميه پاران اسٽورن تي سمورين روزمره جي کاڌ خوراڪ وارين شين جي موجودگي کي يقيني بڻايو ويو آهي_ هن وڌيڪ چيو ته انتظاميه جي پاليسي تحت رمضان المبارڪ دوران صارفين کي کاڌي واري تيل تي 14 رپيا جڏهن ته هر کاڌ خوراڪ واري شئي تي 10 رپيا رعايت ڏني ويندي. هن وڌيڪ چيو ته حيدرآباد ڊويزن ۾ 95 يوٽيلٽي اسٽور موجود آهن جن مان 35 ضلعي حيدرآباد ۾ آهن . جڏهن ته رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني دوران عام ماڻهن کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ موبائل يوٽيلٽي اسٽور پڻ شروع ڪيا ويندا .ان کان اڳ گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته رمضان المبارڪ جي شروع ٿيڻ کان اڳئي عام واهپي وارين شين، ميوات ۽ ڀاڄين جي اگهن ۾ واڌ ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي . هنن چيو ته اڳوڻي نظام ۾ مارڪيٽ ڪميٽي تمام گهڻو ناڪام ٿي هئي پر هنن اميد ڏيکاري ته ڪمشنري نظام جي بحالي کانپوءِ ذخيره اندوزي ۽ منافعه خورن خلاف ڪارروائي ٿي سگهندي جنهن لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي مئجسٽريٽي اختيارن جو هئڻ ضروري ٿي ويو آهي. شرڪت ڪندڙن پاران گندي پاڻي جي فراهمي تي واسا انتطاميه تي پڻ سخت تنقيد ڪئي وئي ۽ هنن اهو پڻ چيو ته ڪجهه لاڳاپيل ادارن جي آشيرواد سان مارڪيٽ ۾ غير معياري شيون وڪرو ٿي رهيون آهن _ هنن گهر ڪئي ته اهڙن عنصرن خلاف اڻ ڌري ڪاروائي ٿيڻ گهرجي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button