ڄامشورو

جماعت اسلامي ۽ الخدمت فائونڊيشن پاران قلندر جي ميلي تي ڪئمپ لڳائي وئي

سيوهڻ : جماعت اسلامي ضلع ڄامشورو ۽ الخدمت فائونڊيشن طرفان قلندر لعل شهبار رح جي 759 هين عرس جي موقعي تي زائرين جي طبي امداد ۽ پاڻي جي ٿڌي سبيل لاءِ ٽي ڏينهن ڪئمپ لڳائي وئي .
الخدمت جي فائونڊيشن جي پڌرائي موجب قلندر شهباز رح جي ميلي جي موقعي تي الخدمت فائونڊيشن طرفان جماعت اسلامي جي سهڪار سان لڳايل ڪئمپ ۾ موجود هڪ ڊاڪٽر2ايمبولينسز۽ 25 رضاڪارن ٽيئي ڏينهن 24 ڪلاڪ سروس جاري رکي .هزارين زائرين جي مفت طبي امداد،دوائون فراهم ڪيون .جڏهن ته ٿڌي پاڻي جي سبيل به جاري رکي .ڪيترن ئي سياسي ،سماجي اڳواڻن ۽ زائرين جماعت اسلامي ۽ الخدمت جي ان انسان دوست قدم کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو.هوڏانهن جماعت اسلامي ضلعي ڄامشورو جي امير نواب مجاهد لغاري امدادي ڪئمپ ۾ موجود ماڻهن سان ڳالهائيندي چيو ته جماعت اسلامي ۽ ان جو فلاحي ادارو الخدمت فائونڊيشن رنگ ،نسل،پارٽي ۽ مذهب جي متڀيد کان مٿاهون ٿي ڪري انسانيت جي خدمت تي يقين رکن ٿا.اڳتي به هو اهڙن موقعن تي پنهنجي خدمت جو فريضو سرانجام ڏيندا رهندا ڇوته انسانيت جي خدمت عين عبادت آهي.ان موقعي تي الخدمت فائونڊيشن ڄامشورو جي صدر عبدالجليل ۽ سڪريٽري خوشود بابر پڻ موجود هئا .هوڏانهن الخدمت فائونڊيشن سنڌ جي اڳواڻ خير محمد تنيو پڻ ڪئمپ جو دورو ڪري ڪارڪنن جي واکاڻ ۽ سندن جذبي جي حوصله افزائي ڪئي .

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button