حيدر آباد

ثقافت کاتي پاران سيوھڻ ۾ ثقافتي سرگرميون

حيدرآباد : ثقافت کاتي جي صوبائِي سيڪريٽري حضرت لال شھباز قلندر رح جي عرس جي موقعي تي مختلف ثقافتي پروگرام منعقد ڪيا آھن جنھن جي ذريعي سنڌي ثقافت جي مختلف رنگن کي اجاڳر ڪيو پيو وڃي ۽ ان ڏس 22 جولاءِ تي قومي ادبي ڪانفرنس شهباز آڊيتوريم سيوهڻ ۾ منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙچ مان ناميارا اديب ليکڪ ۽ دانشور شرڪت ڪندا جنهن بعد محفل موسيقي منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪندي – ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر محمد ايوب جمالي موجب صوبائي وزير سسئي پليجو ثقافت کاتي کي حضرت لعٰل شهبازقلندر ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙن بزرگن جي عرس مبارڪ جي موقعي تي سنڌي ثقافت ۽ تهذيب جي مختلف رنگن ۽ پهلوئن جي بهتر طريقي سان عڪاسي ڪرڻ لاءِ خاص هدايتون جاري ڪيون آهن هن چيو ته معمول موجب سگهڙن جي ڪچهري عرس مبارڪ جي پهرين ڏينهن منعقد ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ سنڌ جي مختلف حصن مان آيل لڳ ڀڳ 500 سگهڙ شرڪت ڪندا . ان کان علاوه ثقافت کاتي پاران ضلعي انتظاميا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن سان عرس مبارڪ دوران سنڌي ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ سهڪار ڪيو پيو وڃي جنهن لاءِ سيوهڻ شريف ۾ مختلف ڪيمپ آفيسون به قائم ڪيون ويون آهن .ثقافت کاتي پاران عرس مبارڪ جي موقعي تي سيوهڻ شريف ۾ فنڪارن ، سگهڙن ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ حصو وٺندڙ ٻين ماڻهن کي رهائش ۽ سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جو پڻ جوڳو بندو بست ڪيو ويوآهي –

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button