مختصر خبرون

تيل ۽ گيس ڪمپني حيدرآباد طرفان ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن بابت هڪ گڏجاڻي

حيدرآباد: تيل ۽ گيس ڪمپني حيدرآباد طرفان ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن بابت هڪ گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنرحيدرآباد جناب آصف علي ميمڻ جي صدارت ۾ ڊپٽي ڪمشنر هائوس حيدرآباد ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ او جي ڊي سي جي عملدارن سان گڏ صحت ۽ تعليم کاتي جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي _ گڏجاڻي ۾ او جي ڊي سي جي سهڪار سان پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي سيمت تعليم جي شعبن لاءِ اثرائتي حڪمت عملي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو .گڏجاڻي ۾ ماءُ ۽ ٻار جي صحت مرڪز سيري ، گورنمينٽ ڊسپينسري اميد علي رند ، گورنمينٽ ڊسپينسري ڏاڙهون پنهور کي فعال بنائڻ سان گڏوگڏ ٽنڊومحمد خان ۽ ٽندو ڄام ۾ ٿيليسميا سينٽر کولڻ کان علاوه ٽنڊو عالم ۾ ماڊل اسڪول کولڻ سميت 20 ڳوٺن کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ رٿابندي ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button