بدين

بدين کي ڏوهن کان پاڪ ۽ پاڪستان جو ماڊل ضلعو بڻايو پيو وڃي: ڊاڪٽر فهميده مرزا

بدين: وقتي صدر ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو آهي ته بدين کي ڏوهن کان پاڪ ۽ پاڪستان جو ماڊل ضلعو بڻايو پيو وڃي . اهڙن خيالن جو اظهارهن اڄ سول اسپتال بدين ۾ 29 ملين رپين جي لاڳت سان قائم ڪيل سرجيڪل بلاڪ جو افتتاح ڪندي ڪيو _ هن چيو ته بدين کي ماضي جي حڪومت تمام گهڻو نظر انداز ڪيو، ڇاڪاڻ ته هتان جي ماڻهن پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرايو هو _ هن سرجيڪل بلاڪ ۾ اکين جو شعبو ، ڊائلاسزز ۽ دل جي آپريشن جا جديد شعبا قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته صحت کاتي کي 12 ايمبولينس پڻ فراهم ڪيون آهن. هن چيو ته اسپتال ۾ هيپاٽائيٽس بي ، سي ۽ اي آر وي (ڪتي جي چڪ) جي سئي وافر مقدار ۾ فراهم ڪيون ويون آهن _ هن ڊاڪٽرن جي کوٽ جي حوالي سان ضلعي حڪومت بدين کي حڪم ڪيو ته اکين جو سرجن ،جنرل سرجن، گائنا ڪالاجسٽ ۽ آرٿوپيڊڪ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيا وڃن ته جيئن عوام کي صحت جون گهربل سهولتون فراهم ڪري سگهجن _ بعد ۾ هن سرجيڪل بلاڪ جود ورو ڪيو ۽ ڪم جي ساراهه پڻ ڪئي _ ان موقعي تي سينيئر نائب صدر پ پ پ سنڌ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، حسنين مرزا ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا. بعد ۾ وقتي صدر بدين ۾ 27 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان ڊرينيج ۽ 74 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان واٽر سپلاءِ جي اسڪيمن جو پڻ افتتاح ڪيو _ اهي منصوبا ٽن سالن اندر مڪمل ڪيا ويندا جن سان بدين جي گندي پاڻي واري نيڪالي جو پراڻو مسئلو حل ٿي ويندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته پ پ پ حڪومت هڪ خاندان هڪ گهرجيان آهي جيڪا عوام تي ڀروسو رکي ٿي ۽ ان جي خدمت لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي _ هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان شهيد بينظيرڀٽو تائين اهو ئي مشن رهيو جنهن کي صدرممڪت آصف علي زرداري عملي جامعو پارايو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button