15 جولاءِ تائين ٻوڏ جو ڪو به خطرو ناهي ماڻهو افواهن تي ڌيان نه ڏين ۽ آبادگار پنهنجا فصل ڪن: ڄام سيف الله خان ڌاريجو
گهوٽڪي: سنڌ جي صوبائي وزير آبپاشي ڄام سيف الله خان ڌاريجو سنڌ جي عوام کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته هنن گذريل ٻوڏ ۾ جوان مردي سان مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي فصلن کي ٻيهر آباد ڪري ملڪيت جي معيشت کي مضبوط ڪيو آهي ۽ ربيح جي فصل بمپر ڪراپ ٿي جنهن سان ملڪ ۽ عوام ۾ خوشحالي آهي ۽ حڪومت ڪڻڪ ٻاهر موڪليندي. ان سان گڏو گڏ حڪومت آبادگارن کي خوشحال ڪرڻ لاءِ سڌا اگهه مقرر ڪيا. انهن خيالن جو اظهار صوبائي وزير سرڪٽ هائوس گهوٽڪي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن ٻڌايو ته 15 جولاءِ تائين ٻوڏ جو ڪو به خطرو ناهي ماڻهو افواهن تي ڌيان نه ڏين ۽ آبادگار پنهنجا فصل ڪن جڏهن ته بندن جو ڪم بهتر ٿي رهيو آهي پهرين پرائٽي ۾ حساس بندن جو ڪم 15 جولاءِ تائين مڪمل ٿي ويندو. هن ٻڌايو ته درياءَ اندر زمينداري بند ختم ڪيا ويندا ڇو ته انهن جي ڪري درياءَ جي بندن تي دٻاءَ وڌي رهيو آهي ماڻهن جي جان و مال کي بچائڻ لاءِ حڪومت تمام غير قانوني بندن کي ختم ڪندي چاهي اهي ڪنهن جا به هجن. گذريل ٻوڏ ۾ جيڪا تباهي آئي ان جو رسڪ ٻيهر نه ٿو کڻي سگهجي.هن وڌيڪ ٻڌايو ته ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جا ماهر انجنيئر بندن جي نگراني ڪري رهيا آهن ته جيئن ڪنهن به اڻوندڙ صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي. هن ميڊيا جي جي تعريف ڪندي چيو ته ميڊيا هميشه مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي هنن کي گهرجي تي ميڊيا ذريعي ماڻهن مان ٻوڏ جو خوف ختم ڪن ته جيئن هو پنهنجي پيرن تي بيهي ڪري پنهنجي گهرن ۽ فصلن کي آباد ڪن