پرڏيھي خبرونرانديون

انگلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٻي ٽيسٽ مئچ جمعي تي ٿيندي

Pakistan Teamلنڊن: انگلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽن ڪرڪيٽ ٽيسٽ مئچن تي مشتمل سيريز جي ٻي ٽيسٽ 3 جون کان لنڊن جي لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ تي شروع ٿيندي. انگلينڊ کي سريلنڪا خلاف سيريز ۾ 0-1 تان برتري حاصل آهي. ميزبان ٽيم 26 کان 30 مئي تائين ڪارڊف ۾ کيڏيل پهرين ڪرڪيٽ ٽيسٽ مئچ ۾ هڪ اننگز 14 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن مئچن جي سيريز ۾ 0-1 تان برتري حاصل ڪئي هئي. انگلينڊ ٽيم جي ڪپتان ايندريو اسٽراس چيو آهي ته هو سريلنڪن ٽيم خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ ڪاميابي تي تمام گهڻو خوش آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي اينڊريو اسٽراس چيو آهي ته سندس ٽيم مڪمل طور تي فٽ ۽ ڀرپور فارم ۾ آهي ۽ سريلنڪن ٽيم کي ٻئي ٽيسٽ مئچ ۾ شڪست ڏئي سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button