گهوٽڪي ضلعي جي 87 تعليمي ادارن ۾ مورا اسڪالرشپ جا 6 لک 24 هزار 990 روپين جا چيڪ ورهايا ويا
گهوٽڪي: چيئرمين سنڌ زڪوات ڪائونسل جسٽس (رٽائرڊ) زاهد قربان الوي گهوٽڪي ضلعي جي 87 تعليمي ادارن ۾ مورا اسڪالرشپ جا 6 لک 24 هزار 990 روپين جا چيڪ ورهايا جن ۾ گورنمينٽ اين ڊي وي اي اسڪول گهوٽڪي لاءِ 147978، گورنمينٽ پرائمري اسڪول ملوڪ شيخ لاءِ 27000، گورنمينٽ پرائمري اسڪول عادلپور لاءِ 90000، گورنمينٽ هاءِ اسڪول عادلپور لاءِ 52548، گورنمينٽ (پي) هاءِ اسڪول گهوٽڪي لاءِ 53214، گورنمينٽ پرائمري اسڪول انورآباد لاءِ 213300 ۽ گورنممينٽ پرائمري اسڪول گهوٽڪي لاءِ 40950 ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج گهوٽڪي ۾ 479250 روپين جا چيڪ ورهايا ويا. ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ٻار اسان جو مستقبل آهن انڪري گورنمينٽ جي اسڪولن کي بهتر کان بهتر بڻائي اسڪولن جي ماحول کي خوشگوار بڻايو وڃي ۽ استادن پنهنجو ڪردار ادار ڪرڻ گهرجي جڏهن ته اسان جي ٽيم سنڌ جي 23 ضلعن ۾ ڪم ڪري رهي آهي ۽ اسان شفاف طريقي سان حقدارن تائين حق پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جيئن عوام مان منفي تاثر کي ختم ڪري سگهجي. ان کان اڳ ضلعي گهوٽڪي عشر زڪوات جي چيئرمين اصغر علي شاهه آجياڻو پيش ڪندي چيو ته ضلعي ۾ سمورن حقدارن تائين شفاف طريقي سان حق پهچايو ويندو جڏهن ته ضلعي جي 337 لوڪل زڪوات ڪاميٽين مان 300 جون چونڊون ٿي چڪيون آهن جن ۾ علائقي جا معزز ۽ ديندار ماڻهو چونڊيا ويا آهن جنهن ۾ عورتن کي به نمائندي ڏني وئي آهي بعد ضلعي جي زڪوات آفيسر دانش افضل سنڌ زڪوات ڪائونسل جي چيئرمين کي تفصيلي بريفنگ ڏني.