حيدر آباد

ڊي سي او حيدرآباد تقريب ۾ مالي سال 2012_2011 لاءِ 7230.95482 ملين رپين جي ٽيڪس فري سرپلس بجيٽ پيش ڪري ڇڏي

Khatri hold budget meetحيدرآباد: ڊي سي او حيدرآباد آفتاب احمد کتري جيڪو ضلعي ايڊمنسٽريٽر پڻ آهي ، ضلعي ناظم سيڪريٽريٽ حيدرآباد ۾ اڄ هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ مالي سال 2012_2011 لاءِ 7230.95482 ملين رپين جي ٽيڪس فري سرپلس بجيٽ پيش ڪئي _ تقريب کي خطاب ڪندي ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد آفتاب احمد کتري چيو ته ضلعي حڪومت ان بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳايو آهي ۽ ترقياتي ڪمن سميت تعليمي شعبي جي بهتري لاءِ خاطرخواهه رقم مختص ڪئي آهي _ هن چيو ته مالي سال 2012_2011 لاءِ ڪل متوقع آمدني 7230.95482 ملين رپين جي ڀيٽ ۾ خرچ جو ڪاٿو 7230.771 ملين رپيا لڳايو ويو آهي جڏهن ته 0.183 ملين رپيا سرپلس ٿيندا _ مالي سال 2012_2011 ضلعي جي سمورن وسيلن مان متوقع آمدني جي تفصيل ٻڌائيندي هن چيو ته سنڌ حڪومت کان سنگل لائن ٽرانسفرسسٽم (پگهارن، غير ترقياتي خرچن ،اي ڊي پي ) تحت 6111.617215 ملين رپيا موصول ٿيا جڏهن ته 163.963057 ملين رپيا ضلعي آڪٽراءِ ٽيڪس جي مد ۾ متوقع آهن.اهڙي طرح 478.034000 ملين رپيا ٽي ايم اي/ ضلعي آڪٽراءِ ٽيڪس گرانٽ طور متوقع آهن جڏهن ته ضلعي جي پنهنجي آمدني 177.188938 ملين رپيا متوقع آهي ۽ اڳوڻي ضلعي ڪائونسل حيدرآباد جي 11.441395 ملين رپيا آمدني جو ڪاٿو لڳايو ويوآهي . اهڙي ريت 288.710215 ملين رپين جي اوپنگ بيلنس سميت ضلعي حڪومت حيدرآباد جي ڪل آمدني جي رقم 7230.95482 ملين رپيا ٿيندي. هن چيو ته ڪل آمدني 7230.95482 ملين رپين جي ڀيٽ ۾ خرچ جو ڪاٿو 7230.77 ملين رپيا لڳايو ويو آهي جنهن سان 0.183 ملين رپيا سرپلس ٿيندا.هن چيو ته ضلعي حڪومت حيدرآباد تعليم جي شعبي جي سڌاري لاءِ 5758.570 ملين رپيا جيڪا بجيٽ جو 79.63 سيڪڙو ٿئي ٿي جنهن ۾ ضلعي جي ٻارڙن کي بهتر ۽ معياري تعليم فراهم ڪرڻ سميت تدريسي عمل جي مسئلن جي حل لاءِ صرف اسڪولن لاءِ مخصوص 126 ملين رپيا رکيا ويا آهن .اهڙي طرح صحت جي شعبي لاءِ 951.899 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن جيڪو بجيٽ جو 13.44 سيڪڙو آهي ته جيئن ماڻهن کي صحت جون گهربل سهولتون فراهم ڪري سگهجن .هن چيو ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊزاسٽرمينجمينٽ جي مد ۾ گذريل سال جي 20 ملين رپين جي ڀيٽ ۾ هن سال بجيٽ ۾ 50 ملين رپيا رکيا ويا آهن . هن چيو ته ملازمن جي پگهارن جي مد ۾ خرچن جو ڪاٿو 4944.150 ملين رپيا جيڪو بجيٽ جو 80.89 سيڪڙو رکيو ويو آهي جڏهن ته غير ترقياتي خرچن جي مد ۾ 825.100 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن جيڪو بجيٽ جو 13.49 سيڪڙو آهي. هن چيو ته سالياني ترقياتي پروگرام جي مد ۾ 583.497 ملين رپيا جيڪو بجيٽ جو 9.54سيڪڙو آهي رکيا ويا آهن جنهن ۾ نئين ۽ هلندڙ ترقياتي رٿائن سميت سٽيزن ڪميونٽي بورڊ جون رٿائون شامل آهن .ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد چيو ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ ۽ نان گزيٽيڊ ملازمن جي ڪنوينس الائونس ۾ 25 سيڪڙو واڌ ۽ اسڪولن لاءِ مخصوص بجيٽ متعارف ڪرائڻ سان ضلعي حڪومت کي 586 ملين رپين جو اضافي بار برداشت ڪرڻو پوندو جنهن ڪري هن دفعي ترقياتي ڪمن جي مد ۾ رقم گهٽ رکي وئي آهي. هن چيو ته تنهن هوندي به ضلعي حڪومت حيدرآباد پنهنجن وسيلن آهرڪوشش ڪئي آهي ته فنڊن جو بهتر ۽ ماڻهن جي خواهشن موجب استعمال ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button