خيبر پختون خوا

ڊي آءِ خان ۾ دهشتگردن جو ٿاڻي تي حملو، 2 آپگهاتي ڌماڪا، عمارت تباهه، ايس ايڇ او سميت 10 اهلڪار شهيد، طالبان ذميداري قبول ڪري ورتي

DERA ISMAIL KHAN Police and 27247 ڊيرا اسماعيل خان: ڊيرا اسماعيل خان جي تعلقي ڪلاچي جي سٽي ٿاڻي تي دهشتگردن حملو ڪري ڏنو، ٿاڻي جي 20 کان 25 پوليس اهلڪارن کي يرغمال بڻائڻ بعد دستي بمن سان حملن ۽ فائرنگ ۾ ايس ايڇ او سميت 10 اهلڪار شهيد ٿي ويا. ٻن آپگهاتي بمبارن پاڻ کي ڌماڪن سان اڏائي ڇڏيو، ٿاڻي ۾ اندر داخل ٿيندڙ بڪتربند گاڏي ۽ عمارت باهه لڳڻ بعد تباهه ٿي وئي، يرغمال بڻيل پوليس اهلڪارن کي ٿاڻي مان زخمي حالت ۾ ڪڍي اسپتال داخل ڪرايو ويو، ذريعن موجب ڊير اسماعيل خان جي ڪلاچي ٿاڻي ۾ ڪالهه شام جي وقت 10 کان 12 دهشتگرد اندر داخل ٿيا، ان کان اڳ هڪ برقعا پوش عورت به ٿاڻي اندر داخل ٿي، ٿاڻي جي گيٽ وٽ مقرر پوليس اهلڪار دهشتگردن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس دستي بم سان حملو ڪري شهيد ڪيو ويو. جنهن بعد پوليس اهلڪار الرٽ ٿيندي ئي دهشتگردن ٿاڻي اندر دستي بمن سان وڌيڪ حملا ڪري ڏنا ۽ فائرنگ ڪري ٿاڻي اندر موجود 20 کان 25 اهلڪارن کي يرغمال بڻائي ورتو. دهشتگرد ٿاڻي جي ڇت تي چڙهي قائم ڪيل پوليس جي مورچي تي به قبضو ڪري ورتو، اطلاع تي پوليس ايليٽ فورس جا اهلڪار ۽ فوجي اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ ڪلاچي ٿاڻي کي گهيري ۾ آڻي حملو ڪندڙ دهشتگردن خلاف جوابي ڪارروائي شروع ڪئي، جنهن بعد دهشتگردن ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن وچ ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ شروع ٿي وئي، دهشتگردن خلاف ڊي آءِ جي آپريشن ۽ ڊي پي او جي نگراني ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو، اهلڪارن ٿاڻي جي ڇت تي چڙهي قائم ڪيل پوليس جي مورچي تي به قبضو ڪري ورتو، اطلاع تي پوليس ايليٽ فورس جا اهلڪار ۽ فوجي اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ ڪلاچي ٿاڻي کي گهيري ۾ آڻي حملو ڪندڙ دهشتگردن خلاف جوابي ڪارروائي شروع ڪئي. جنهن بعد دهشتگردن ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن وچ ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ شروع ٿي وئي، دهشتگردن خلاف ڊي آءِ جي آپريشن ۽ ڊي پي او جي نگراني ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو. اهلڪارن ڪلاچي ٿاڻي ڀرسان واقع عمارتن تي پوزيشن سنڀالي ورتي ۽ دهشتگردن سان مقابلو ڪيو. ٻنهي طرفن کان ٻن ڪلاڪن تائين فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ ايليٽ ۽ پوليس اهلڪارن جي بڪتربند گاڏي ٿاڻي اندر داخل ڪئي ته دهشتگردن اهلڪارن تي شديد فائرنگ ڪري ڏني، جنهن دوران ٻن آپگهاتي بمبارن بڪتربند گاڏي ويجهو اچي پاڻ کي ڌماڪيدار مادي سان اڏائي ڇڏيو، جنهن سبب زوردار ڌماڪن بعد بڪتربند گاڏي ۽ عمارت ۾ باهه لڳي وئي، ٿاڻي جي عمارت ۾ باهه ۾ شعلا ڀڙڪي پيا ۽ عمارت ۾ دونهون پکڙجي ويو، جڏهن ته فورسز پاران دهشتگردن تي راڪيٽ سان پڻ جوابي ڪارروائي ڪئي وئي، ڌماڪن ۽ فائرنگ ۾ ايس ايڇ او ڪلاچي سميت 10 اهلڪار شهيد ٿي ويا، پوليس موجب ٿاڻي اندر 10 کان 12 دهشتگرد داخل ٿيا، جن دستي بمن سان حملو ڪيو ۽ فائرنگ ڪرڻ بعد اهلڪارن کي يرغمال بڻايو. آپريشن دوران بڪتربند گاڏي اندر داخل ٿي ته ٻن دهشتگردن پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. جڏهن ته ٿاڻي اندر ٽيون ڌماڪو پوليس پاران دهشتگردن تي ڪيل راڪيٽ حملي جو هو، فورسز ڪارروائي ڪري يرغمال بڻيل چئن پوليس اهلڪارن کي ڪڍي ورتو، جن کي اسپتال داخل ڪرايو ويو، جڏهن ته ٿاڻي جي مهرر کي پڻ حفاظت سان ڪڍيو ويو بعد ۾ بڪتربند گاڏي جي ڊرائيور ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هڪ دهشتگرد عمارت کان ٻاهر آيو ۽ ٿاڻي اندر داخل ٿيندڙ بڪتربند گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جنهن دوران ٻن آپگهاتي بمبارن پاڻ کي ڌماڪن سان اڏائي ڇڏيو. ڊي ايس پي ڪلاچي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته دهشتگردن جي حملي سبب ٿاڻي جو رڪارڊ باهه ۾ سري ويو آهي، جڏهن ته ٿاڻي اندر بيٺل گاڏيون به تباهه ٿي ويون آهن. خيبر پختونخواهه جي سڌ سماءَ واري وزير ميان افتخار احمد هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڊيرا اسماعيل خان جي ڪلاچي ٿاڻي تي دهشتگردن جي ڪيل حملي بابت تفصيلي ڄاڻ ورتي آهي، 8 کان 10 دهشتگرد ٿاڻي اندر داخل ٿيا، ٽن دهشتگردن کي آپگهاتي جيڪيٽس پاتل هئا، دهشتگردن ٿاڻي اندر داخل ٿيندي دستي بمن سان حملو ڪري ڏنو، جنهن سبب ٿاڻي جي گيٽ وٽ مقرر هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿيو. بعد ۾ وڌيڪ چئن اهلڪارن کي دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو. هن وڌيڪ چيو ته ٿاڻي ۾ 15 کان 20 اهلڪارن کي يرغمال بڻايو ويو. برقعا پوش دهشتگرد اندر داخل ٿيا، پوليس جي جوابي ڪارروائي لاءِ حڪمت عملي ڪامياب رهي آهي. صوبائي وزير چيو ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين اهڙن واقعن کي روڪڻ ممڪن ناهي. اسامه بن لادن جي موت کان اڳ به دهشتگردي جا وڏا وقعا ٿي چڪا آهن.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button