خيبر پختون خوا

پشاور جي علائقي خيبر مارڪيٽ ۾ ھڪ ٻئي پويان ٿيندڙ ٻن ڌماڪن ۾ مارجي ويندڙن جو انگ 37 ٿي ويو

peshawar blast 386پشاور : پشاور جي خيبر سپر مارڪيٽ ويجهو 2 ڌماڪن جي نتيجي ۾ هڪ صحافي سوڌو 37 ڄڻا مارجي ويا ۽ 100 زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ صحافي ۽ 8 سيڪيورٽي اهلڪار به شامل آهن، ڌماڪن بعد ويجهو موجود عمارتن کي تي باهه وڪوڙي وئي، تفصيل موجب خيبر پختونخوا جي گادي واري شهر پشاورجي ڪينٽ واري علائقي ۾ واقع خيبر سپر مارڪيٽ ۾واقع هڪ هوٽل ۾ پهريان هڪ ڌماڪو ٿيو، ريسڪيو ذريعن موجب اهو ڌماڪو گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب ٿيو، جنهن بعد ماڻهن جو وڏو انگ ، صحافي ۽ سيڪيورٽي به ڌماڪي واري جاءِ تي پهتا ته ٺيڪ ان وقت ٻيو ڌماڪو ٿيو، جنهن سبب 37 ڄڻا مارجي ويا ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ صحافين سميت 100 ڄڻا زخمي ٿي پيا، مارجي ويلن ۾ مقامي اخبار جو صحافي اسفند يار چمڪني شامل آهن، جڏهن ته صحافي صفيع الله ۽ عمران بخاري سميت 2 صحافي زخمي پڻ ٿي پيا، جڏهن ته ايس پي ڪينٽ سوڌو 8 اهلڪار به زخمين ۾ شامل آهن، ڌماڪن بعد ويجهو موجود عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا ۽ عمارتن کي وڏي پيماني تي باهه وڪوڙي وئي، بم ڌماڪن بعد پوليس علائقي کي گهيري ورتو، امدادي ڪارڪنن ۽ پوليس زخمين ۽ لاشن کي سي ايم ايڇ، ليڊي ريڊنگ ۽ شهر جي ٻين اسپتالن ۾ منتقل ڪيو، ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، زخمين کي ايمبولينسز ذريعي اسپتالن ڏانهن نيو ويو، اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري اضافي عملي کي طلب ڪيو ويو، جڏهن ته عمارتن کي لڳل باهه وسائڻ لاءِ فائر برگيڊ جون گاڏيون پڻ پهچي ويون، ڪجهه ماڻهن پرائيويٽ گاڏين ۾ پڻ زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو، ڌماڪن سبب عمارت جي ويجهو واقع ٽرانسفارمر کي باهه وڪوڙي وئي، جنهن سبب سڄي علائقي جي بجلي پڻ بند ٿي وئي، جنهن سبب علائقي ۾ مڪمل اونداهي ٿيڻ جي ڪري امدادي ڪارروائين ۾ ڏکيائيون پيش آيون، پوليس اختيارين موجب ڌماڪن ۾ 10 کان 12 ڪلو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو، ڪيترائي ماڻهو عمارتن ۾ لڳل باهه ۾ سڙي ويا، مارجي ويلن ۾ عمارتن ۾ رهندڙ شاگردن جو وڏو انگ شامل آهن،ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي،پوليس موجب بم موٽرسائيڪل ۾ فٽ ٿيل هو، صوبائي وزير ميان افتخار ۽ ايس پي ڌماڪن ۾ 37 ماڻهن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪئي، ٻئي طرف چارسده ۾ ريڊيو عمارت ڀرسان بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ عمارت کي ٿورو نقصان پهتو آهي، ٻئي طرف خيبرپختونخوا جي سڌ سماءَ واري وزير ميان افتخار 37 ماڻهن جي مارجڻ جي تصديق ڪندي چيو ته ٻيو ڌماڪو خودڪش هو، آمريڪا منافقت واري پاليسي ڇڏي ڏئي ۽ دهشتگردن خلاف منظم ڪارروائي ڪري، ٻئي طرف اي آءِ جي ملڪ شفقت به چيو ته ٻيو ڌماڪو خودڪش هو، هوڏانهن بم ڊسپوزل عملي موجب واقعي واري هنڌان خودڪش بمبار جي جسم جا ٽڪرا مليا آهن
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button