حيدر آباد

پاڪستان پيپلزپارٽِي جي بهتر پبلسي ۽ پروپيگينڊا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پارٽي جي اطلاعات سيڪريٽرين جا تربيتي ورڪشاپ جلد ڪرايا ويندا

pppحيدرآباد : وڏي وزير جي نوجوانن جي معاملن واري صوبائي صلاحڪار عاجز ڌامرهه چيو آهي ته محترمه فريال ٽالپر جي خاص هدايتن تي پاڪستان پيپلزپارٽِي جي بهتر پبلسي ۽ پروپيگينڊا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پارٽي جي اطلاعات سيڪريٽرين جا تربيتي ورڪشاپ هر يو سي ۽ ضلعي سطح تي ڪرايا ويندا جڏهن ته حيدرآباد ۾ تمام جلد صوبي جي سمورن اطلاعات سيڪريٽرين جوٽن ڏينهن وارو تربيتي ورڪشاپ پڻ ڪرايو ويندو _ هن اهڙو اظهار اڄ انيڪسي بلڊنگ سرڪٽ هائوس حيدرآباد ۾ پ پ پ يوٿ جي مختلف ضلعي اطلاعات سيڪريٽرين جي هڪ ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ کانپوءِ هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو _ صوبائي صلاحڪار عاجز ڌامرهه وڌيڪ چيو ته ملڪ جو نوجوان باصلاحيت ۽ ذهين آهي ۽ انهن جي بهتر تربيت سان اهي مستقبل جي چيلنجن کي منهن ڏئي سگهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته پ پ پ يوٿ ونگ ۾ شامل نوجوانن جي ڪلهن تي وڏي ذميواري آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي هن ريت جي تربيتي پروگرامن جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي _ عاجز ڌامرهه چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي جهڙي لعنت سبب نوجوانن کي سنهري خواب ڏيکاري غلط راهه تي آندو پيو وڃي پر جيڪڏهن انهن جي بهتر پرورش ۽ تربيت ڪجي ته اهي ملڪ ۽ معاشري لاءِ بي مثال ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا . هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽِي کي اڄ به ڀرپور عوامي حمايت حاصل آهي۽ صدرمملڪت جناب آصف علي زرداري جي دانشمندانه حڪمت عملي ۽ پاليسي جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ جمهوري اقتدار برقرار آهي جيڪو مستقبل ۾ به جاري رهندو.تنهن باوجود به هن چيو ته ڪجهه عوامي حمايت کان محروم نام نهاد قومپرست صدرآصف علي زرداري ۽ پ پ پ حڪومت خلاف اجائي واويلا ڪري عوام کي گمراهه ڪري رهيا آهن ۽ پننهنجي ناڪامي کانپوءِ ڀٽو دشمني ۾ پنهنجا ڪلها اهڙن عناصرن کي استعمال لاءِ ڏئي رهيا آهن جن هميشه سنڌ جي ورهاست ۽ ڪالاباغ ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي آهي _ هن سوال ڪيو ته پ پ دوستي ايڏو وڏو ڏهه آهي جو نام نهاد قومپرست هاڻ ڌارين جي يلغاڙ کي دعوت ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته اهڙن عنصرن وٽ ڪو به اشو نه آهي پر اشو اهو آهي ته پ پ پنهنجي مدي جا پنج سال پورا ڪري رهي آهي ۽ اشو اهو آهي جو سنڌ واسين جي خدمت ڪري وڌيڪ مقبول ٿي رهي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو انهن کان صدر زرداري جي مقبوليت ۽ پ پ حڪومت جي ڪاميابي برداشت نه ٿي رهي آهي . هن چيو ته نام نهاد قومپرست ڀوکلائپ جو شڪار ٿي مخالفن جي اشاري تي غلط پروپيگينڊا ۾ رڌل آهن ۽ پ پ دشمني ۾ سنڌ خلاف سازشون ڪري رهيا آهن پر اسان کي يقين آهي ته کين ناڪامي کانسواءِ ڪجهه به نه ملندو _ هن چيو ته تازوئي آدمشماري دوران اهڙن نام نهاد قومپرستن روڊن تي نڪري سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پر عوام کين هميشه جيان ٿڏي ڇڏيو _ ان موقعي تي پ پ پ حيدرآباد ڊويزن جو اطلاعات سيڪريٽري ڊاڪٽر تحسين شيخ، صوبائي انفارميشن سيڪريٽري پ پ پ يوٿ فداحسين ڍڪڻ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button