وڻڪاري انسانن جي لاءِ صحتمند زندگي جي ضمانت آهي: ماحولياتي ماهرن
حيدرآباد : ماحولياتي ماهرن ٻيلن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته وڻڪاري انسانن جي لاءِ صحتمند زندگي جي ضمانت آهي تنهنڪري ٻيلن ۽ ماحول جي تحفظ بابت قانونن تي سختي سان عملي ڪندي پنهنجي معاشري ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل کي بچائي سگهجي ٿو . هنن اهڙو اظهار اڄ سنڌ عجائب گهر حيدرآباد جي ممتاز مرزا هال ۾ ماحول جي تحفظ واري اداري طرفان ماحولياتي تحفظ جي عالمي ڏهاري جي موقعي تي ڪوٺايل هڪ ڏينهن واري سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو .سيمينار کي خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي پروفيسر ۽ ناليواري سائنسدان ڊاڪٽر محمد يار کهاوڙ چيو ته آبادي وڌڻ جي ڪري ماحولياتي گدلاڻ ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي جڏهن ته ماڻهن طرفان صفائي سٿرائي تي ڌيان نه ڏيڻ ، تعليم جو فقدان ، مناسب قانونسازي نه هجڻ ۽ اقتصادي حالتون بهتر نه هجڻ جا ماحول تي هاڃيڪار اثر پئجي رهيا آهن جنهن سبب ماحولياتي گدلاڻ معاشري جو ناسور بڻجي پيو آهي .هن وڌيڪ چيو ته ماحول کي صاف سٿرو رکڻ هر شخص جي انفرادي ذميواري آهي تنهن باوجود به حڪومتي سطح تي ماڻهن جي مڪمل رهنمائي ۽ نگراني ڪرڻ گهرجي . هن چيو ته صنعتي علائقن ۾ ماحول جي تحفظ وارن قاعدن قانونن تي عملدارآمد سان ماحولياتي گدلاڻ تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو . ان موقعي تي ڳالهائيندي ماحول جي تحفظ واري اداري جي ڊپٽي ڊائريڪٽر مجيب الرحمان شيخ چيو ته گڏيل قومن جي فيصلن تحت سال 2011 کي ٻيلن جي تحفظ وارو سال قرار ڏئي ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته ٻيلن جو تحفظ وقت جي اهم ضرورت آهي ڇاڪاڻ جو صرف ٻيلن مان 70 سيڪڙو آڪيسجن ملي ٿي ۽ اهي 40 سيڪڙو تائين ڪاربان ڊآءِ آڪسائيڊ کي جزب ڪن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته وڻڪاري سان زندگي آهي ۽ جيڪڏهن ٻيلن کي ختم ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو ته مستقبل ۾ سونامي، سامونڊي طوفان ۽ لزلن جهڙيون آفتون اچي سگهن ٿيون . هن چيو ته تازو گذريل سال ٻوڏ دوران به سنڌودرياءُ جي پيٽ اندر موجود ٻيلن ۾ رهائشي آبادي هجڻ سبب وڌيڪ نقصان پهتو . هن، عوام تي زور ڀريندي چيو ته ماحول جي قانون تي عمل ڪرڻ کانسواءِ اسان پنهنجو ماحول بهتر بڻائي نٿا سگهون. سيمينار کي خطاب ڪندي اي ڊي او صحت حيدرآباد ڊاڪٽر بخش علي پتافي ٻڌايو ته سندس انتظاميه ۽ ماحول جي تحفظ واري اداري جي سهڪار سان اسپتالن ۾ ماحول جي تحفظ بابت آگاهي ۽ عملي ڪم جو سلسلي شروع ڪيو ويو آهي ۽ بهتر رابطو هجڻ سبب ان جا خاطر خواهه نتيجا پڻ مليا آهن . سيمينار ۾ مقالو پيش ڪندي مس نورين الياس ٻڌايو ته صنعتن مان گندگي جي نيڪال ، زمينون ليز تي ڏيڻ ڪري ٻيلن کي وڌڻ ۽ زرعي دوائن جي وڌيڪ استعمال جا ماحول تي خراب اثر پئجي رهيا آهن جڏهن ته موبائل ٽاورز رهائشي علائقن ۾ لڳائڻ سان انسانن ، جانورن ، ٻوٽن تي اثر پون ٿا ۽ ننڍي عمر جي ٻارڙن ۾ دستن، مٿي جوسور ۽ ذهني بيماريون پڻ پکڙجن ٿيون.هن ٻڌايو ته موبائل ٽاور مان خارج ٿيندڙ اليڪٽرڪ ميگنٽي ويوز انساني صحت لاءِ انتهائي هاڃيڪار آهي تنهنڪري حڪومت کي گهرجي ته اها موبائل ٽاورز رهائشي علائقن ۾ لڳائڻ تي فوري طور پابندي لڳائي انهن کي آبادي کان 400 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي نصب ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري. هن چيو ته ماحول جي تحفظ واري قانون تي عملدرآمد سان اسان ماحولياتي گدلاڻ کي ڪنهن حد تائين روڪي سگهون ٿا. سيمينار کي ڊپٽي ڊائريڪٽر اجمل خان تنيو، پروفيسر عبدالرشيد ميمڻ ، پروفيسر ڪشن چند ، محمد عمر حيات ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.